امتياز بعد غني تي منشيات فروشن جي سرپرستي جو الزام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور جي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان امتياز شيخ بعد سعيد غني خلاف به رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پوليس آفيسر گذريل ڏينهن جاري ڪيل تفصيلي رپورٽ ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ تي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سرپرستي جو الزام لڳايو هو. جڏهن ته جمعي تي اطلاعات واري وزير سعيد غني بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ مٿس منشيات فروشن جي سرپرستي جو الزام لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2018 ۾ جڏهن هو جمشيد ٽائون هو ان وقت اها رپورٽ تيار ڪئي هئي. ٻنهي وزيرن پوليس آفيسر جي الزامن کي رد ڪندي وڏي وزير کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي تي الزام هنيو ته هو پاڻ منشيات فورشن جي سرپرستي ڪندو هو. سعيد غني چيو ته هن 2018 ۾ ان وقت جي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا کي منشيات جي وڌڻ بابت شڪايت ڪئي هئي. هڪ ڇوڪرو ايس ايس پي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو هو جنهن خلاف آواز اٿاريم ته هن رپورٽ جاري ڪئي آهي. منهنجي ڀاءُ کي گهرائي چيائين ته 8 موٽر سائيڪلون وٺي ڏي ۽ پوليس لاءِ مخبري ڪريو. هن چيو ته مون تي الزام ثابت ڪريو ته مان سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته سنڌ پوليس نيب بڻجي وئي آهي جيڪو ڳالهائي ٿو ته ان خلاف رپورٽ اچي وڃي ٿي. ياد رهي ته سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ ڪيلم امام کي هٽائڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شميم نقوي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.   شڪارپور مان عبدالخالق سومرو ٻڌايو هو ته  ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان پنهنجي رپورٽ ۾ ڪچي ۾ آپريشن جي ناڪامي جو ذميوار امتياز شيخ کي قرار ڏنو هو. رپورٽ موجب امتياز شيخ جا سفارشي عملدار پوليس جي ڳجهي ڄاڻ ليڪ ڪندا آهن، تازو ٿيل آپريشنز به اُن جي ڪري ناڪام ٿي ويا هئا.

توانائي جو صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

رپورٽ ۾ صوبائي وزير ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ سان گڏ ساڻن رابطن ۾ رهندو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ پُٽ جي ڏوهارين سان رابطن بابت رڪارڊ به هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. ايس ايس پي پاران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڏانهن 20 صفحن تي ٻڌل ڳجهي رپورٽ موڪلي وئي هئي جنهن ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ کي ضلعي ۾ بد امني جو ذميوار قرار ڏيندي سندس خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي هئي.

ڪچي ۾ آپريشن جي ناڪامي جو ذميوار ڪير؟

رپورٽ ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان چيو آهي ته صوبائي وزير جي اثر رسوخ استعمال ٿيڻ کانپوءِ جيڪي پوليس عملدار مقرر ڪيا وڃن ٿا، اُهي پوليس جي ڳجهي حڪمت عملي سوڌو ٻي ڄاڻ ليڪ ڪندا آهن. ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جا آپريشن ناڪام ٿيندا رهيا.

ڏوهارين سان مبينا رابطن جو رڪارڊ هٿ اچڻ جي دعويٰ

ڳجهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي جي ڏوهارين شڪارپور ضلعي جو امن امان خراب ڪيو آهي ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ جا مبينا طور اُنهن ڏوهارين سان رابطا رهيا آهن. رپورٽ ۾ امتياز شيخ ۽ سندس پٽ فراز ڏوهارين وچ ۾ مبينا رابطن تي ٻڌل ڪال رڪارڊ به لڳايو ويو آهي.

فراز امتياز شيخ

جنهن موجب صوبائي وزير امتياز شيخ مختلف نمبرز تي ڪچي جي ڏوهارين سان رابطن ۾ رهيو آهي، ڌاڙيل عطو شيخ ڪيترين ئي ڏوهي ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن سان به مبينا طور صوبائي وزير جا رابطا رهيا آهن. رپورٽ موجب صوبائي وزير امتياز شيخ جي هوٽل، پئٽرول پمپس، گيسٽ هائوسز ۽ فارم هائوس ۾ ڏوهارين کي پناهه ڏني ويندي آهي.

ڀاءُ ۽ پُٽ جي رابطن جو به الزام

رپورٽ ۾ امتياز شيخ جي ڀاءُ مقبول شيخ ۽ سندس پٽ فياض محمود شيخ، امتياز احمد شيخ ۽ سندس پُٽ فراز امتيازشيخ جا مبينا ڏوهارين سان رابطن جو رڪارڊ به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقبول شيخ ۽ فراز شيخ به شڪارپور ضلعي جي بدنام ڏوهارين سان رابطن ۾ رهيا آهن.

نقبول شيخ ۽ سندس پٽ فياض محمود شيّ

اُنهن جو به ڪالز رڪارڊ هٿ آيو آهي جنهن بنياد تي سندن خلاف ڪاروائي ڪارروائي جي اجازت گهري وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو