اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير شبلي فراز پارليامينٽ هائوس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو چونڊ ڌانڌلي کان بچڻ جو هي واحد ذريعو آهي. اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين پارليامينٽريز تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
شبلي فراز چيو ته هي مشين انٽرنيٽ سان ڳنڍيل نه هوندي ان ڪري هيڪنگ جو امڪان ناهي. هن چيو ته بليو ٽوٿ يا واءِ فاءِ سان به هن جو واسطو ناهي ان ڪري ڳڙ ٻڙ نٿي ڪري سگهجي. هن مشين جو نادرا ڊيٽا سان به تعلق ناهي ان ڪري ووٽر جو ووٽ ڳجهو رهندو. هن چيو ته اسين محرم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي ڊيمو ڏينداسين ۽ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي.