اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ حلقه بندين بابت اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ نئين سر حلقه بندين بابت مشوري لاءِ 7 سيپٽمبر تي 11 وڳي صبح سنڌ حڪومت جي نمائندي کي طلب ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نثار کهڙو ۽ تاج حيد پاران مڪاني چونڊن کان اڳ تازي آدمشماري جي انگن اکرن موجب نئين سر حلقه بندين بابت به غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 51 (5) موجب ڪميشن رڳو شماريات کاتي جي نوٽيفاءِ ڪيل نتيجن موجب نئين سر حلقه بندي ڪري سگهي ٿي. اجلاس ۾ ڪميشن کي چيو ويو ته سنڌ حڪومت کي خط لکي 7 سيپٽمبر وار اجلاس ۾ گهرايو وڃي جيئن هنن جو موقف ٻڌي قانون مطابق فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو