جروار ٿاڻي تي حليم عادل ۽ 15 ٻين تي ڪيس داخل

ميرپورماٿيلو(ظهير وسير) حليم عادل شيخ ۽ 15 ٻين خلاف جروار ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ٿي ويو آهي. آريجنل اليڪشن ڪمشنر رانا عبدالغفار ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ لافٽنينٽ ڪرنل اسد کي هدايت ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز حليم عادل شيخ، دعا بتول ڀٽو ۽ پي پي ايم پي اي علي نواز عرف راجا مهر کي حلقه بدر ڪريو.

ارجنٽ ميل ۽ فيڪس تي موڪليل خط جنهن جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي. خط ۾ قومي اسمبلي جي تڪ 205 ۾ هلندڙ ننڍي چونڊ دوران هو مداخلت ٿا ڪن تنهنڪري کين حلقه بدر ڪيو وڃي. هن لکيو آهي ته هي جلوس جي شڪل ۾ مطتلف پولنگ اسٽيشن جا دورا ڪن ٿا ۽ ووٽرن لاءِ پريشاني پيد ٿا ڪن. کين هڪدم حلقه بدر ڪريو ۽ جيسين چونڊ عمل مڪمل نه ٿئي تيسين کين ڪٿي به اچڻ نه ڏيو. هن هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به پارٽي جي سينيٽر، ايم اين اي، ايم پي اي ٿا وزير کي اليڪشن وقت تائين حلقي ۾ گهمڻ نه ڏيو. حليم عادل اليڪشن ڪميشن جو حڪم ٿڏي ڇڏيو ۽ چيو ته اڳ ۾ پي پي وارن کي ڪڍو، هن پريس ڪانفرنس ڪري ڪميشن جي حڪم مڃڻ جو انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو