اليڪشن مهم لاءِ زرداري ۽ فريال کي پيرول تي آزاد ڪيو، حليم عادل

سکر(امداد علی ڪلوڙ) هڪ سيٽ اين اي 205 کٽڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي پوري قيادت سنڌ حڪومت کي تالا هڻي گهوٽڪي ۾ ويٺل آهي، بلاول زرداري اڳ ۾ موجود آهي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر صاحبه رهيل آهن ان کي به پيرول تي گهرائي اليڪشن مهم ۾ شامل ڪرايو وڃي. اهڙو اظهار تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ، جي ڊي اي اڳواڻ ايم اي اي سردار غوث بخش مهر، اين اي 205 تي آزاد اميدوار احمد علي خان مهر سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. حليم عادل شيخ چيو ته پيپلزپارٽي سيٽ کٽڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪري رهي آهي گذريل رات ڪڍيل ريلي به اليڪشن مهم جو حصو هئي اليڪشن ڪميشن کي نوٽس وٺڻ گهرجي وزيراعظم رڳو فاتحه خواني ڪرڻ آيو هو جنهن ۾ مخالف اميداور به موجود هئا پر اليڪشن ڪميش شوڪاز نوٽس جاري ڪيو هو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي گذريلي ريلي ۾ عوام جو نه هجڻ به پيپلزپارٽي جي شڪست آهي، فريال ٽالپر جي گرفتاري تي صرف پنج عورتون احتجاج لاءِ نڪتيون زرداري جي گرفتار خلاف احتجاج لاءِ پيپلزپارٽي کي ماڻهو نه ملي رهيا هئا. ان موقعي تي پي ٽي آئي جو ايم پي اي سعد آفريدي، طاهر شاهه، پپو خان چاچڙ، مبين خان جتوئي، آغا مولا بخش انيل ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو