الله يار شاخ ۾ ٻه ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا

اوٻاوڙو(اسد علي گهنڃو) ڳوٺ محمد حيات شر ۾ اللہ يار شاخ ۾ وهنجندي 6 سالن جي معصوم نينگري ڪوثر ڌيءَ ايوب شر۽5 سالن جو عبدالرحمان ولد محبوب شر ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻنهي ٻارڙن کي ٻڏندو ڏسي تڙ ڪندڙ ٻين  ٻارڙن دانهون ڪيون، وارثن جي پهچڻ تائين ٻارڙا فوت ٿي چڪا هئا. ٻارڙن جا لاش گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو,فوتي ٻارڙا پاڻ ۾ سوٽ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو