الطاف حسين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ڪاروائي جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن الطاف حسين، محمد انور ۽ افتخار حسين کي لنڊن مان پاڪستان آڻي ڪيس هلائڻ لاءَ وزارت داخلا منظور ڏئي ڇڏي آهي. گهرو وزارت پاران ايف آءِ اي جي درخواست تي برطانيه ۾ موجود ٽنهي جوابدارن ڏيهه آڻڻ جي منظوري ڏني وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق قتل ڪيس جي فيصلي ۾ ٽنهي جوابدارن کي مفرور ڄاڻائيندي سندس گرفاتري وارنٽ جاري ڪندي کين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن ڪيس ۾ ٽن جوابدارن معظم علي، محسن علي ۽ خالد شميم کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ياد رهي ته 16 سيپٽمبر 2010 تي لنڊن ۾ عمران فاروق کي قتل ڪيو ويو هو.5 ڊسمبر 2015 تي پاڪستان ۾ اهو ڪيس داخل ٿيو، برطانيه جي مدد سان مليل ثبوتن بعد 18 جون 2020 تي گرفتار ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو