الطاف جسڪاڻي جاقاتل ڪير گرفتار ڪندو؟

تحريرعبدالرحيم سولنگي

سنڌ جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي ٿي ته ڪيترائي مزاحمتي ڪردار نظر اچن ٿا جن ذاتي مفادن کي ٿڏي اجتماعي ،قومي مفادن کي اوليت ڏني آهي مادروطن جي لاء پاڻ ارپيوآهي جن پنهنجن آدرشن کي وطن ۽قوم جي وقارسڄي زندگي ارپي آهي اهڙن ڪردارن کي زندهه قومون ياد ڪرڻ سان گڏ انهن تي فخر ڪنديون آهن ۽قوم جا ڳاٽ اوچا ڪندي انهن کي پنهنجي بقالاء اهتساهه پيدا ڪري جدوجهد کي جاري رکندي آهي اهڙي طرح ٽنڊوالهيار جي ڀرسان هڪ ننڊڙي لعل فقير بهراڻي ڳوٺ ۾ پورهيت محمد ابراهيم جسڪاڻي جي گهر ۾ حوش سنڀاليندڙ الطاف جسڪاڻي ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء پهچڻ سان ئي تعليم سان گڏ نظرياتي ۽عملي سياست ۾ حصو وٺڻ سان گڏ شاگردن جي بنيادي حقن لاءجدوجهد ڪئي ان کان پوء جڏهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ اعلي تعليم لاء پهتو ته ان جي اندر ۾ اڳ ئي انقلاب ۽ قومي حقن لاء جستجو ڪرڻ ويساهه  هيو ان ئي دوران شاگرد سياست جي عملي شروعات ڪئي الطاف جسڪاڻي شخصيت جي لحاظ کان وڏو قداور چمڪندڙ چهري وارو هيو جنهن نصاب جي ڪتابن سان گڏ انقلابي ڪتاب جو مطالعو ڪندو رهيو ايتري ۾ سندس جي ساٿ ۾ سيد محبوب شاهه فقيرهمٿ علي سولنگي سميت ڪيترائي ساٿي جن جي اندر۾ انقلاب هيو شاگرد سياست ڪرڻ دوران انقلاب ۽ سنڌ جي بقااچڻ تي ڀروسو هيو اهو ڀروسو هجڻ جي ڪري اڳواڻ کان وڌيڪ پاڻ کي ڪارڪن سمجڻ وارو الطاف جسڪاڻي مادروطن جي سنڌين جي حقن جي حفاظت لاءمزاحمتي تحريڪ ۽ انقلابي اڳواڻ ڊاڪٽرقادرمگسي جي قيادت ۾ جدوجهد کي جاري ۽ساري رکيو الطاف جسڪاڻي عوامي سياست جي ڪري سنڌ جي اندر پنهنجو وڏو نالو هيو جنهن سان هاري،پورهيت،ريڙهو هلائيندڙ پيار ڪرڻ وارو هيو سنڌ تي ڏکئي وقت تي کيس کي هڪ ئي سڏ تي هزارين نوجوان،پوڙها گهرن کان ٻاهر نڪري سندس جو اهڙو ته ساٿ ڏينداهيا جو ڪراچي ۾ سنڌ دشمن منصوبن،ٻيٽن جي خلاف عوامي سمنڊ سان گڏ پهچندو هيو ان جو سندس ئي قائد ڊاڪٽرقادرمگسي پڻ انتظار ڪندو هيو ۽ ساٿين کان پڇندو رهندو هيو ته الطاف جسڪاڻي ڪٿي پهتو آهي ان جو اهڙو ته انتظار هوندوهيس جيئن اميدن جو نئي سج اڀرڻ جي اميد هيو الطاف جسڪاڻي جيڪو ملڪ جي جمهوري ،عوامي ،انقلابي پارٽي جو مرڪزي وائيس چيئرمين ۽ ذميوار اڳواڻ هيو جنهن کي 18نومبرتي ٽنڊوالهيار جي ٻاهران ڪيريا شاخ جي پل وٽ لساني تنظيم جي موٽر سائيڪلين تي سواردهشتگردن ٽارگيٽ بڻائي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيونئي ٽهي جي شاعرقربان گل  شهيد الطاف جسڪاڻي ڀيٽاهن شعر ۾ ڏني آهي ته اکيون رت روئن ٿيون سنڀاري سڄڻ کي.ڇوي دل به ويٺي پڪاري سڄڻ سڃڻ کي شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي شهادت جي خبر سنڌ جي باشعور باغيورن جي مٿان وڄ جيئان ڪري سنڌ سڄي سڏڪن۾ وڪوڙجي وئي الطاف جسڪاڻي جي شهادت تي عظيم انقلابي اڳواڻ ڊاڪٽرقادر مگسي پرامن هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو اهو ثابت سنڌ ڪري ڏيکاريو ته ڪٿي به پٿراء نه ٿيو ٽنڊوالهيار ۾ ترقي پسند هائوس جي ڀرسان الطاف جسڪاڻي جو جنازو کڄڻ وقت هرطرف اوڇنگاريون هيون سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراه ڊاڪٽرقادر مگسي ڊاڪٽرذاڪرحسين سولنگي ۽ نثارابڙو سان ڳل ڳراٽڙيون پائي انکين جي بندن کي روڪي نه سگهيو ته هر طرف الطاف جسڪاڻي سان بي انتها پيار ڪرڻ وارا سنڌي،بلوچي،پشتو،اردو ۽ٻين ٻولين ڳالھائيندڙ پڻ پنهنجو سهارو سمجهندڙ اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا ۽ ميت سان گڏ لحد تائين پيادل هلندارهياناليواري شاعر ايازگل پنهنجي شاعري ۾ الطاف جسڪاڻي کي ياد ڪندي چيو آهي ته وقت ڪيا ويرانا ماڻهو. تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو.توکي آرپڻ آيا آهن .لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهوجڏهن  الطاف جسڪاڻي جي ٽيجهي جي تقريب کي خطاب ڪرڻ دوران ڊاڪٽرقادرمگسي اکين جي سمنڊ کي روڪي نه سگهيو هيوالطاف جسڪاڻي جو  قتل جو ڪيس داخل پڻ ٿيو الطاف جسڪاڻي مٿان ان کان پڻ اڳ ڪيترائي حملا ٿيا هئا جنهن ۾ هڪ ڀيرو سندس جي هڪ اک پڻ ضايع ٿي هئس پر هن ڪڏهن به پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪئي هئي هو سنڌ جو عاشق هيو ۽ مادروطن سنڌ سان گڏ سنڌين سان بي پناھ پيار ڪرڻ وارو هيو الطاف جسڪاڻي جيڏو قداور هيو اوترو ئي سنڌين سان جهڪي ملڻ سان گڏ پيار ڪرڻ وارو هيو شهيدسنڌالطاف جسڪاڻي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو آهي پر ٽنڊوالهيار جي هرگهر۾ جنم وٺندڙءٌهر گهٽي مان نڪرندڙ الطاف جسڪاڻي جي صورت ۾ هوندو الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌ ڪنهن ڏانهن واجهائيدي يا وري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرون کڻي سنڌ جي گهٽين ۾ قاتلن جي ڳولا لاء سندس جا چاهيندڙ نعرا هڻندا نڪري پوندا جيڪا تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويندي جنهن کي پوء ڪير به نه روڪي سگهي ان کا ن پهريان ئي جمهوريت پسند ترقي پسند سمجهندڙ ذميوارن کي گهرجي ته شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي ڳولهي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو