الذوالفقار تنظيم ۽ پي آ۽ اي جي ھوائي جهاز جو ها۽ جيڪ ٿيڻ :ذوالفقار قادري

جنرل ضياء 5 جولائي 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪري مٿس برصغير جي تحريڪ آزادي جي هڪ انقلابي ڀڳت سنگهه جي ڦاسي جي وارنٽ تي صحيح ڪندڙ تڏھوڪي مئجسٽريٽ نواب محمد احمد خان قصوري جي 1974ع ۾ لاهور ۾ مبينه طور قتل ٿي وڃڻ جو ڪيس هلايو ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه اڪثر عرصو گرفتار ۽ نظربند رهيون. جڏھن ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جلاوطن رهيا. ڀٽي صاحب جي آزادي لا۽ ڪارڪن مختلف ڪميٽيون جوڙي تحريڪ هلائيندا رهيا، پيپلز ورڪرز ايڪشن ڪميٽي وغيره  اهڙي طرح ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قيادت ۾ جلاوطن ڪارڪن به ڀٽي صاحب جي آزادي لا۽ جاکوڙيندا رهيا . ذوالفقار علي ڀٽي جي 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي بعد جلاوطن ڪارڪنن جنرل ضياء جي سرڪار خلاف مسلح جدوجهد جو فيصلو ڪندي “ پاڪستان لبريشن آرمي” جوڙڻ جو فيصلو ڪيو پر اها ايتري مشهوري ماڻي نه سگهي پر 2  مارچ 1981ع تي جڏھن پي آ۽ اي جو جهاز اغوا ٿيو ته پهريون دفعو ماڻھن “ الذوالفقار “ تنظيم جو نالو ٻڌو . ٿيو هيئن جو پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن پي آ۽ اي  جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور 145 مسافر کڻي وڃي رهيو هو ته جهاز اڃان ڊيره اسماعيل خان مٿان فضا ۾ هيو ته هائي جيڪ ڪيو ويو . هائي جيڪرن هٿيارن جي زور تي پائليٽ کي پشاور بجا۽ افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل طرف هلڻ جو حڪم ڏنو . پائلٽ ھائي جيڪرن جي چوڻ تي جهاز کي ڪابل ايئر پورٽ تي وڃي لاٿو . جهاز کي افغان سيڪيورٽي فورسز گهيري ۾ آڻي ڇڏيو افغان اٿارٽين ڪنٽرول ٽاور ذريعي هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو . هائي جيڪرن جي اڳواڻ سلام الله ٽيپو ٻڌايو ته سندن ٽوٽل تعداد ٽي آھي  جنهن ۾ سندس ٻه ٻيا ساٿي جمال ناصر ۽ ارشد علي شامل آھن سندن وٽ جديد هٿيار موجود آھن ڪنهن به قسم جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ جهاز کي مسافرن سميت اڏائي ڇڏيندا . سندن تعلق “ الذوالفقار “ نالي تنظيم سان آھي . سندن اڳواڻ مير مرتضئ ڀٽو آھي. هو ان کان سواڪنهن جو به حڪم نه مڃيندا . سندن مطالبو آھي ته جنرل ضياء فوري طور اقتدار کان الڳ ٿي وڃي . عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن افغان سرڪار کين ڳالهين جي آڇ ڪئي پر هائي جيڪرن مير مرتضئ ڀٽو کان سوا۽ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان سرڪار سندن پيء، ماء کي زور تي ڪراچي کان ڪابل روانو ته هو وڃي کين سمجهائن پر ٽنهي هائي جيڪرن ڪابل ايئر تي موجود پنهنجي والدين سان اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪيو ته سندن پيء ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ماءُ بيگم نصرت ڀٽو آھي. انهن ڏينهن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو افغانستان ۾ ترسيل هو افغان سرڪار جي درخواست بعد مير مرتضئيٰ ڀٽو هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ۽ کين ڪنهن به تڪڙي قدم کان روڪيو . مير مرتضيٰ ڀٽو اڳتي هلي هائجيڪنگ واقعي بعد صرف ايترو چيو ته  ان هائيجيڪنگ سان اسان جو تعلق نه هو ليڪن اسان انساني جانين کي بچائڻ لا۽ ان معاملي ۾ پيا سين . باقي الذوالفقار تنظيم هڪ حقيقت آھي . جنهن جو مقصد ظالم ضياء خلاف جدوجهد آھي. انهن ڏينهن ۾ افغانستان اندر روس نواز سرڪار برسر اقتدار هئي سو افغان سرڪار هائي جيڪرن جا اهڙا مطالبا پاڪستان سرڪار کي پهچايا . جنرل ضياء هنگامي طور فوجي ڪاؤنسل جو اجلاس طلب ڪيو اجلاس بعد پاڪستان سرڪار هائي جيڪرن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اڳتي هلي هائي جيڪر ٻين مطالبن تان دستبردار ٿي صرف هڪ مطالبي تي اچي بيٺا ته پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 92 سياسي ڪارڪنن، جن تي جنرل ضياء سرڪار طرفان سنگين الزام مڙھيا هئا اهي آزاد ڪري کين فورن ڪابل پهچايو وڃي. هائي جيڪرن اهڙي قيدين جي فهرست افغان سرڪار معرفت پاڪستان سرڪار کي موڪلي جنرل ضياء جي سرڪار ها۽ جيڪرن پاران موڪليل لسٽ وارن ماڻھن کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڪابل ايئر پورٽ تي جهاز اندر هائي جيڪرن کي خبر پئي ته جنهن رات جنرل ضياء ڀٽو صاحب جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو ڀٽو صاحب جو ملٽري اي ڊي سي رهندڙ ڪيپٽن طارق رحيم جنرل ضياء جو مخبر بڻيل هو . اهو جهاز  جي مسافرن ۾ شامل آھي هائي جيڪرن ڪيپٽن طارق رحيم کي سيٽ تان اٿاري کيس گولي هڻي قتل ڪري سندس لاش جهاز مان رن وي تي ڦٽو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته پاڪستاني جيلن ۾ قيد فهرست ۾ ڏنل قيدي آزاد نه ڪيا ويا ته وڌيڪ مسافرن کي قتل ڪيو ويندو ان سان گڏ هائي جيڪرن پهرين ڏنل 92 قيدين واري فهرست کي مختصر ڪري 54 قيدين جي لسٽ ڏني. ڪيپٽن طارق رحيم جي قتل بعد افغان سرڪار تي عالمي دٻاء وڌي ويو ۽ افغان سرڪار هائي جيڪرن کي فوري ڪابل ايئر پورٽ ڇڏي وڃڻ جو چتاء ڏنو. هائي جيڪرن ڪابل انتظاميا کان جهاز ۾ تيل ڀرايو ۽ ليبيا جي گادي واري هنڌ ترپيولي روانا ٿي ويا پر ليبيا سرڪار جهاز کي تريپولي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نه ڏني جهاز جو تيل به ختم ٿيڻ تي هو سو جهاز انساني جانين خاطر يونان جي گادي واري هنڌ اٿينس ايئر پورٽ تي لٿو.  تيل وٺڻ کان پو۽ جهاز شام جي گادي واري هنڌ دمشق وڃي لٿو دنيا جي هائي جيڪنگ واري تاريخ ۾ اها طويل ترين هائي جيڪنگ هئي جنهن کي ڏھن ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا هئا. آخر پاڪستان سرڪار ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 54 باندين کي آزاد ڪري دمشق پهچائڻ جو فيصلو ڪيو اهڙي طرح ملڪ جي مختلف جيلن مان جيڪي قيدي آزاد ڪري دمشق پهچايا ويا انهن ۾ شيرين سومرو ڪيس جا باندي قومپرست اڳواڻ علي حيدر شاه ، قادر بخش جتوئي ، شاه محمد شاه ، ڊاڪٽر غلام حسين ، جاويد حڪيم قريشي ، جاويد حسن شاه ،ڪرنل حبيب الله، علي بابا ،سلطان علي فضل ، محمد افضل، محمد حسين،رشيد الرب، طارق چيما، اڪرم قائمخاني، محمد رياض، حنيف ميمڻ، محمد اشرف، سيف الله، پرويز شنواري، فريد انصاري، نظر حسين ، محمد خالد شاد، ارشد اعواڻ ،اعظم بٽ، فيض بروهي، سليم ميمڻ، اشفاق بلوچ، منظر عالم، ڪامريڊ نيئر، فضل رحيم راجا، مصباح الدين، معين الله، ڪامران حيدر، ارشد بٽ، خاقان مرزا، جاويد اختر، احسان الحق، محسن،بشير احمد، منصوراحسان، سميع منير، ايس ايڇ احسن، رحمت الله انجم،خليل قريشي، جان عالم، الياس صديقي، مسرور احسن، اي آر ناصر، محمد الياس سربلند خان، آصف بٽ، الطاف عباسي، مظھر علي، مسز فرخنده بخاري ۽ منير وڙائچ شامل هئا. شامي سرڪار جي ٽياڪڙي هيٺ آخر ڳالهيون ڪامياب ٿيون قيدين جي دمشق پهچڻ بعد هائي جيڪرن جهاز ۽ مسافر شامي انتظاميا جي حوالي ڪيا. انهن جلاوطن ٿيل سياسي ڪارڪنن مان ڪجهه ته واپس وطن موٽي آيا ڪافي اڄ به لنڊن، يورپي ملڪن جرمني، سويڊن ۽ سئزرلينڊ وغيره ۾ پيا رهن ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويا آھن. ڪيترا ئي الذوالفقار تنظيم جي سرگرمين ۾ حصو وڻ سبب مارجي ويا ۽ ڪي وري گوشه نشين ٿي ويا. علي حيدر شاه،  قادر بخش جتوئي ، شاه محمد شاه ۽ ٻين جي دمشق پهچڻ بعد مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطن ٿيل باندين کي چيو اوهان آزاد آھيو اوهان منهنجو ساٿ ڏئي الذوالفقار ۾ شموليت ڪيو يا جيڏانهن مرضي وڃي سگهو ٿا. شاه محمد شاه واپس وطن ورڻ جي خواهش ڏيکاري ان کي بلوچستان مير غوث بخش بزنجو جي ڳوٺ نال پهچايو ويو. علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي مير مرتضيٰ ڀٽو جو ساٿ ڏيڻ جو اظھار ڪيو ڪجهه جلاوطن ٿيل قيدين مشرقي يورپ وڃڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. انهن کي اوڏانهن موڪليو ويو. الذوالفقار ۽ ها۽ جيڪنگ واقعي جي ڪجهه ڪردارن جو احوال هن طرح آهي.

قادر بخش جتوئي : قادر بخش جتوئي جو تعلق لاڙڪاڻي ڀرسان مشوري اسٽيشن لڳ جتوئي ڳوٺ سان هو . اسي جي ڏھاڪي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران جساف جو سرگرم مرڪزي عهديدار هو، 2 آڪٽوبر 1978ع تي نوابشاه ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان هڪ ميجر پاران مبينه جنسي ڏاڍائي جي واقعي بعد ڄامشورو ۾  احتجاج دوران ڪجهه فوجي سپاهين جي مارجي ۽ زخمي ٿيڻ واري واقعي ۾ گرفتار ٿيو ملٽري ڪورٽ طرفان مليل عمر قيد جي سزا ڀوڳي رهيو هو ته هاءِ جيڪرن جي مطالبي تي جلاوطن ڪيو ويو. ڪجهه عرصو جلاوطني وارن ڏينهن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو سان رهيو بعد ۾ اڳتي هلي سويڊن ۾ رهائش اختيار ڪيائين .سال 2008ع ۾ قادربخش جتوئي پنهنجي وڪيل بيريسٽر ضمير گهمرو معرفت سنڌ ھا۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته کيس مارشل لا دور ۾ انتقام جو نشانو بڻائي سزا ڏئي زوري جلاوطن ڪيو ويو کيس واپس وطن جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ ھا۽ ڪورٽ سندس پٽيشن تي سزا ختم ڪري کيس واپس ورڻ جي اجازت ڏني ۽ هو پاڪستان آيو ڪجهه عرصو ھتي گذارڻ بعد واپس سويڊن هليو ويو .

علي حيدر شاهه : سيد علي حيدر شاهه جو تعلق قمبر لڳ گهاڙ واهه تي واقع ڳوٺ ميان شاهل محمد سان هو سندس والد سيد ٻالڻ شاه پرائمري استاد هو، جيئي سنڌ جي سرگرم اڳواڻن مان هڪ  رهيو ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار وارن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل سيد شبيهه الحسن رضوي جي مبينه قتل جو الزام سيد علي حيدرشاه، ستار موريو ۽ مظفر بليدي مٿان لڳو جنهن ۾ روپوش رهيو بعد ۾ گرفتار ٿيو . ڀٽو سرڪار وارن ڏينهن ۾ ئي ڄامشورو وٽان مبينه طور اغوا ٿيل سنڌ جي وزير ٽرانسپورٽ سيد بديع الحسن زيدي جي اغوا جو به سندس مٿان الزام هو بعد ۾ ھو گرفتار ٿيو اپريل 1977ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جيئي سنڌ جي جن قيد ٿيل اڳواڻن کي چيف منسٽر هاؤس ڪراچي گهرائي ساڻن ملاقات ڪئي سيد علي حيدر شاه به قيدين جي ان وفد ۾ شامل هو.  جنرل ضياء دور ۾ شيرين سومرو ڪيس ۾ قادر بخش جتوئي سان گڏ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو ته ها۽ جيڪرن جي مطالبي تي جلاوطن ٿيو دمشق پهچڻ بعد علي حيدر شاهه مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ ڪجهه عرصي بعد افغانستان مان سرحد ٽپي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو هو ته بلوچستان جي پنج پائي واري علائقي مان سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ٿي ويو، شاهي قلعي، جهلم جيل، راولپنڊي جيل ۽ ميانوالي جيل جو باندي رهيو. سرڪار کيس مشهور زمانه ڏوهاري سلامو ڇانگي سان گڏ جهلم نيشنل بينڪ ڌاڙي ۾ به ملوث ڪيو هو ، ڇانگي سان گڏ سمورو عرصو پنجاب جي جيلن ۾ رهيو. 1988ع ۾ راولپنڊي جيل ۾ باندي هو ته بينظير ڀٽو صاحبه وزيراعظم بڻي، هن  حڪومت کي علاج لا۽ درخواست ڏني. کيس راولپنڊي جي جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ئي راولپنڊي جي هڪ خاتون کي دل ڏئي ويٺو آخر ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو. علي حيدرشاهه قيد دوران سرڪار کي شادي واسطي درخواست ڏني بينظير ڀٽو سرڪار کيس نه صرف شادي جي اجازت ڏني پر ٽن ڏينهن جي پيرول تي کيس آزاد ڪيو ويو. علي حيدر شاه جي ڄڃ جو جلوس بينظير سرڪار پاڻ منعقد ڪيو جنهن جو بندوبست ناهيد خان ۽ علي حيدر شاه جي جلاوطني ۽ جيلن ۾ رهندڙ پنجاب جي دوستن ڪيو. راولپنڊي جي ماڻھن کي اڄ به ان قيدي علي حيدر شاه جي شادي جو جلوس ۽ سرڪس ياد آھي . ڪجهه عرصي کان پو۽ بينظير سرڪار جڏھن مارشل لا دور جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته علي حيدر شاه به جيل مان آزاد ٿيو پوءِ اچي لاڙڪاڻي رهيو . آصف علي زرداري سان سندس ذاتي دوستي شاگردي واري دؤر کان رهي پر جڏھن 1993ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو واپس وطن وريو ته ان سان گڏ ھو مير مرتضيٰ جي شھادت بعد گوشه نشين ٿي رهيو. اڳتي هلي ستار موريو سان گڏ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت ڪيائين. ڪجهه سال اڳ سيد علي حيدرشاه لاڏاڻو ڪري هي فاني جهان ڇڏي ويو. سيد علي حيدر شاه منهنجي سٺن دوستن مان هڪ دوست هو الله پاڪ سندس مغفرت ڪري. سلام الله ٽيپو کي بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو تي حملي، جاسوسي ۽ پاڪستاني ايجنسين لا۽ ڪم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ افغان حڪومت پل چرخي جيل ۾ ڦاهي ڏئي ڇڏي. شهيد شاهنواز ڀٽو جيڪو الذوالفقار جو آپريشنل چيف ڪمانڊر هو ان کي 18 جولا۽ 1985ع تي فرانس جي شهر ڪينز ۾ مبينه طور زهر ڏئي شھيد ڪيو ويو. جنهن جو الزام سندس افغان نزاد گهر واري ريحانه تي لڳو. ڪجهه عرصو هو فرانس جي اختيارين جي حراست ۾ رهي پو۽ کيس آزاد ڪيو ويو شهيد شاهنواز ڀٽو کي هڪ نياڻي سسئي ٿي هو اڄ ڪلهه ڪيليفورنيا آمريڪا ۾ رهي ٿي. مير مرتضيٰ ڀٽو 1993ع ۾ لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تان ميمبر چونڊجڻ بعد وطن واپس وريو، وطن واپس ٿيڻ کان اڳ بظاهر مير مرتضيٰ ڀٽو الذوالفقار تنظيم جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو پر 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت سان ئي الذوالفقار تنظيم جو باضابطه وجود به ختم ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو