يو اين ۽ او آءِ سي پاڪستان جي سڏ تي مثبت موٽ ڏني،قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقوام متحده ۽ او آءِ سي پاڪستان جي سڏ تي ترت ۽ مثبت موٽ ڏني آهي جيڪو پاڪستان جي موقف جي تائيد آهي. اهڙو اظهار پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته 50 سال بعد والاريل ڪشمير جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل اجلاس منعقد ڪيو جيڪو سفارتي لحاظ کان تمام وڏو قدم آهي. هن چيو ته اها ٻئي ڳالهه آهي اجلاس جي ڪاروائي سميٽڻ وقت چين جي نمائندي جي موقف سان ڪائونسل اتفاق نه ڪيو پر ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.هن سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سجمهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم پاران ڪشمير صورتحال ببات جوڙيل مشاورتي ڪاميٽي جو اڄ اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرڏيهي کاتي ۾ ڪشمير سيل قائم ڪيو ويندو ۽ دنيا جي جن به ملڪن م پاڪستان جا سفارتخانا آهن انهن ۾ ڪشمير ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي جيئن ڪشمير معاملي کي موثر نموني دنيا ۾ پيش ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارتي آئين جي شق 370 کي تسليم نه ڪيو هو، ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عالمي عدالت ۾ ڪيس کڻي وڃڻ بابت قانون واري وزارت مشاورت ڪري پئي. هن چيو ته هاڻي ڀارت جي اندران آواز اٿي رهيا آهن ته مودي، نهرو جي انڊيا کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. قريشي چيو ته پهريون ڀيرو انٽرنيشنل ميڊيا ڪشمير بابت مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.پرڏيهي وزير ۽ فوجي ترجمان چيو ته ڀارت جي هر قدم جو جواب ڏيڻ لاءِ قوم ۽ فوج تيار آهن. فوجي ترجمان ڀارت پاران ڪشمير م شدت پسندن کي موڪلڻ جو الزام رد ڪندي چيو دنيا هاڻي سندن ڪوڙن الزامن کي سمجهي ٿي. هن چيو ته ڪشمير جي حمايت ڪندڙن جا ٽوئٽر اڪائونٽ ڀارت بند ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پلوامه جهڙي نام نهاد ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، ته جيئن ان کي جواز بڻائي پاڪستان تي حملو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪشمير تڪرار نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي، هي ڪنهن زمين جي ٽڪري جو نه پر انساني حقن جو معاملو آهي. ياد رهي ته اسلامي ملڪن جي تنظيم ڪرفيو فوري طور هٽائڻ جومطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو