اقوام متحده پاران ٿر ۾ مختلف جانورن جي ويڪسينيشن

مٺي(لياقت ئھڙيو) ٿرپارڪر جي ٽن تعلقن ۾ اقوام متحده جي ذيلي اداري ايف اي او جي طرفان هزارين رڍن ۽ ٻڪرين کي وئڪسين ڪئي وئي مٺي تعلقي ۾ وڌيڪ وئڪسين جو ڪم شروع ڪيو ويو ٿرپارڪر جي ٽن تعلقن ننگرپارڪر،ڏاهلي ۽ ڇاڇرو ۾ پهريون دفعو جانورن ٻڪرين ۽ رڍن کي پي پي آر وئڪسين مڪمل ڪئي وئي. ايف اي او جي طرفان وٽرنري کاتي جي 80 ڊاڪٽرن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽنس لائيو اسٽاڪ آفيسر ڊاڪٽر حبدار ٻرڙو جي زيرنگراني ڪئي وئي آھي. هن وقت مٺي جي يوسي پوسرڪو ۾ وئڪسين شروع ڪئي وئي آھي جنهن کي وڌيڪ چار يوسين ۾ وڌايو ويندو. ٻڌايو وڃي پيو ته هن وئڪسين سان طاعون جهڙي موذي مرض کان بچائي سگهجي ٿو جيڪا بيماري هڪ وائرس آھي انهي سان ننڍن جانورن کي تيز بخار ۽ نڪ مان پاڻي وهندو آھي جانورن جو منهن خشڪ ۽ انهي ۾ ڇالا ٿي ويندا آھن انهي وئڪسين سان انهي مرض کان جانورن کي بچائي سگهجي ٿو انهي منصوبي ۾ وٽرنري کاتي جي مدد ورتي وئي آھي ۽ وئڪسين سميت گاڏين ٽيمن جو خرچ اقوام متحده جي اداري ادا ڪيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو