اقليتن جون 30 هزار سيٽون ڇو خالي آهن، چيف جسٽس جي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران ڀُنگ مندر حملي بابت پاڻمرادو ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد خان سرڪاري نوڪرين ۾ 30،000 اقليتي سيٽن جي خالي هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته وفاق ، پنجاب ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان حڪومتون اقليتن جي ڪوٽا تي ڀرتيون نه ڪري رهيون آهن. عدالت جي ريمارڪس تي ، ون مين ڪميشن جي چيئرمين شعيب سڊل عدالت کي آگاهه ڪيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ اقليتن لاءِ 30 هزار خالي جايون آهن. چيف جسٽس چيو تھ ڀُنگ ۾ پاڻي جي نلڪي تي جهيڙي جا اطلاع مليا آهن، ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو پاڻي جي ڍُڪ تي به وڙهن ٿا، معاشري ۾ اخلاقي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. عدالت چيف سيڪريٽري ڪي پي کي مندر جي اڏاوت بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت اين ايڇ اي جي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي حالت ڏٺي اٿئو، سنڌ ۾ موٽر وي رڳو نالي ماتر آهن، ملتان- سکر موٽروي تي ڪوبه ريسٽ روم ٺهيل ناهي. اين ايڇ اي چيئرمين چيو ته اُن حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيو، توهان جي ڊيوٽي لڳايون ته روز ملتان – سکر موٽروي تي سفر ڪريو، سفر ڪندئو ته توهان کي ماڻهن جي تڪليفن جو اندازو ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو