افغان ڪرڪٽ ٽيم جو اعلان، ڪپتان تي اختلاف

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان حڪومت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اعلان جي چند گهڙين بعد نامزد ڪيل ڪپتان راشد خان ڪپتاني کان اهو چئي انڪار ڪيو ته سندس مشوري کانسواءِ ٽيم سليڪٽ ٿي آهي. جنهن بعد طالبان حڪومت محمد نبي عيسيءِ خيل کي نئون ڪپتان نامزد ڪيو آهي. ٻين رانديگرن ۾ رحمان الله گربز، حضرت الله زازئي، عثمان غني، اصغر افغان، محمد نبي، نجيب الله زادران، هشمت الله شاهدي، محمد شهزاد، مجيب الرحمان، ڪريم جنت، گلبدين نائب، نوين الحق، حامد حسن، شراف الدين اشرف، دولت زادران، شپور زادران ۽ قيس احمد شامل آهن. ياد رهي ته  ايونٽ ۾ افغانستان جي ٽيم سپر 12 گروپ بي ۾ موجود آهي جتي هن جو مقابلو پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن سان ٿيندو. تازو عورتن جي ٽيم تي پابندي واري اعلان بعد مختلف ملڪ افغانستان تي پابندي هڻڻ بابت به غور ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو