افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان سرحدون کولي، فاطمه ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر پناهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، فاطمه ڀٽو جو موقف آهي ته ”افغانستان ۾ جيڪو بحران جنم وٺي پيو، اسان ان تي اکيون ٻوٽي نٿا سگهون، اسان کي افغان پناهگيرن کي اچڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته فاطما ڀٽو جي والدهه افغاني هئي.مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز جون زالون پاڻ ۾ ڀينر هيون ۽ ڪابل ۾ قيام دوران هنن شاديون ڪين هيون. جڏهن فرانس ۾ شاهنواز کي زال پاران زهر ڏيڻ جون خبرون آيون ته مرتضيٰ زال کي طلاق ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو