افغان پناهگيرن بابت پيپلزپارٽي موقف واضح ڪري، ڏاهري

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) افغاني پناھگيرن لا۽ پيپلز پارٽي واضع اعلان ڪري افغاني پٺاڻ سنڌ ۾ نه رھايا وڃن سنڌ کي پيپلز پارٽي جي وزيرن مشيرن تباھ ڪيو آھي اھڙن خيالن جو اظھار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي نوشھروفيروز جي صدر فقير غلام جان ڏاھري ڀرياسٽي ۾ ضلعي جي اجلاس ۾ صدارتي خطاب ڪندي چيو تـ سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو لٽو ۽ اجھو کسي ورتو آھي مٿان وري افغاني پناھگيرن لا۽ رھائش جو سوچيو پيو وڃي ھن چيو تـ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ھٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آھي پيپلز پارٽي جا وزير مشير زوري عوام کي پ پ پ ۾ شموليت لا۽ دٻاءٔ وجھي رھيا آھن سنڌ حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي يوسين سميت مختلف ترقياتي فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي ھن وڌيڪ چيو تــ  اسان اعلي حضرت پيرصاحب پاڳاري جو پيغام گھر گھر پھچائي رھيا آھيون ضلعي جون اھم شخصيتون رابطي ۾ آھن انشاءَ الله  جلد پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿيندا اجلاس ۾ تعلقي ۽ يوسي سطح تي فنڪشنل ليگ جا يونٽ کولڻ لا۽ غور ويچار ڪيو ويو ۽ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پڻ اھم فيصلا ڪيا ويا جڏھن تـ اجلاس م فقير غلام مصطفي بھڻ فقير شيرمحمد راڄپر وڏيرو زبير ڪوريجو فقير طالب ڏاھري سيد بھار شاھ راشدي فقير افضل ڪيريو فقير جواڻ ڏاھري فقير بدر ڪيريو محبوب بھڻ کان علاوھ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو