افغان فوج جي 46 اهلڪارن کي پاڪستان ۾ پناهه ملي، ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فوج جي تعلقات عامه جي شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته 5 آفيسرن سميت افغانستان جي 46 فوجين کي چترال ۾ پناهه ڏني وئي. افغان بارڊر پوليس پاڪستان جي مقامي ڪمانڊر سان رابطو ڪري پناهه جي درخواست ڪئي. پاڪستاني اختيارين ضرور تصديق بعد کين اندور سيڪٽر ۾ پناهه ڏنو، کين کاڏو، طبي امداد ۽ پناهه ڏني وئي. ضرور ڪاروائي بعد کين افغان حڪومت حوالي ڪيو ويندو. ترجمان موجب پهرين جولاءِ تي به 35 افغان فوجين کي پناهه ڏني وئي هئي. ياد رهي ته طالبان سان افغان فوج جون چڪريون هلي رهيون آهن ۽ افغانستان جي حڪومت سدائين پاڪستان تي طالبان جي مدد جو الزام هڻندي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو