افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا ۽ تشدد معاملي جو نئون رخ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا واري معاملي جي جاچ جاري آهي، ڀارت انترنيشنل ميڊيا کي مس ليڊندي پراڻن واقعن جون ڪوڙيون تصويرون رليز ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغان سفير جي نياڻي اسلام آباد مان راولپنڊي شاپنگ مال ۾ وئي ۽ اتان دامن ڪوهه ڪيئن آئي اهو اهم سوال آهي ان جو جواب مليو ته مسئلو حل ٿي ويندو. جن ٽيڪسين ۾ هن سفر ڪيو انهن جي ڊرائيورن کان پڇا ڳاڇا مڪمل ڪئي آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ افغانستان جي سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءَ سلسله علي خيل جي اغوا واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جمعي تي پوڻي ٻئين وڳي ڪوهسار ٿاڻي جي حد ۾ بليو ايريا ۾ شاپنگ بعد جڏهن هوءَ ٽيڪسي ۾ ويهي رهي هئي ته اوچتو هڪ مشڪوڪ شخص ساڻس گڏ ويهي رهيو. جنهن تي هن اعتراض ڪندي گاڏي مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي پاسي کان هڪ ٻيو مشڪوڪ ماڻهو گاڏي ۾ ويٺو، کيس لهڻ نه ڏنو ۽ سندس وات هٿ رکي کيس شور ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي. جڏهن کيس هوش آيو ته کيس خبر نه هئي ته هوءَ ڪٿي آهي.

Afghan Ambassador Najibullah AliKhil

هوش اچڻ بعد جڏهن هڪ شخص کان پڇيو ته هي ڪهڙي جاءِ آهي ته هن کيس ٻڌايو ته هي ايف سيون آهي. جنهن بعد هوءَ ايف سيون جي سامهون گرين بيلٽ (جهنگ)مان ٻاهر آئي ۽ ٽيڪسي ڪري ايف نائن پارڪ آئي، جتان هن پنهنجي سڃاڻ واري حڪمت نالي شخص کي فون ڪئي جنهن بعد سرڪاري گاڏي ۾ هوءَ گهر وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته سندس گهر ئي ايف سيون ۾ آهي ته هوءَ ايف سيون مان ايف نائن پارڪ ڇو وئي؟ اسلام آباد پوليس جي ترجمان نعيم اقبال جو چوڻ آهي ته سلسله علي خيل جو پوليس بيان قلمبند ڪيو آهي ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پوليس ان ٽشو پيپر بابت به جاچ ڪري پئي جنهن ۾ 50 روپين جو نوٽ هو ۽ ان تي لکيل هو ته ايندڙ واري تنهنجي آهي.پوليس ڇوڪري جي موبائيل فون جي ڊيٽا به حاصل ڪئي آهي جنهن سان جوابدارن جي گرفتاري ۾ مدد ملندي. جنهن جاءِ تان هوءَ اغوا ٿي اتان سي سي ٽي وي فوٽيج به پوليس حاصل ڪيا آهن ۽ انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪورٽي سبب سفارتڪارن کي چيو ويو آهي ته ڪيڏانهن به وڃڻ کان اڳ پوليس کي آگاهه ڪريو ته جيئن مناسب انتظام ڪري سگهجن پر افغانستان جي سفير جي خاندان پوليس کي اطلاع ناهي ڏنو. پوليس موجب جڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب آهن، اهڙي صورتحال ۾ سفير جي ڌيءَ جو اڪيلو ٻاهر نڪرڻ ۽ ٽيڪسي ۾ گهمڻ مناسب ناهي. واقعو جمعي تي ڏيڍ پوڻي ٻئين وڳي جو آهي ۽ ميڊيڪل پمز اسپتال مان رات 9 وڳي ڪرائي وئي. پوليس موجب ڇوڪري اڳ ۾ ايف ايٽ ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ ميڊيڪل لاءِ وئي پر هنن انڪار ڪيو. پمز اسپتال مان جاري ٿيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ سلسله علي خيل جي عمر 26 سال 8 مهينا ڄاڻايل آهي.

Medical certificate of Silisla Alikhil

سندسن ٻانهن تي رسي سان ٻڌڻ جا نشان آهن، ڪلائي تي سوڄ، نڪ ڪن ڳلي رت يا اُلٽي وغيره نه آئي. پوليس چوي ٿي ته ڇوڪري کي بليو ايريا من اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽس موجب کيس جناح سپر مارڪيٽ مان کيس اغوا ڪيو ويو ۽ بليو ايريا ۾ اڇلايو ويو شام جو ستين ۽ ساڍي ستين وڳي جي وچ ڌاري. عام طور تي هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ پوليس متضاد ڳالهيون ڪري شڪ پيدا ڪندي آهي ۽ هن معاملي به ڪجهه ايئن لڳي رهيو آهي. هن واقعي کي ڀارتي ميڊيا وڌائي چڙهائي رپورٽ پئي ڪري ۽ هڪ ٻئي ڇوڪري جو فوٽو جنهن جو چهرو زخمي آهي، ان جي تصوير شيئر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته هي افغان سفير جي ڌيءَ آهي.

Indian Media Shared this pic to mislead public

جنهن بعد سفير نجيب الله ان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي ٽوئيٽ ڪئي ته هي سندس نياڻي ناهي ۽ هن پنهنجي نياڻي جي تصوير شيئر ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان گهرو وزير کي 48 ڪلاڪن ۾ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي هن معاملي ۾’پرسنل افيئر‘ جا به اشارا مليا آهن. ياد رهي ته هوسٽائيل تعلقات وارن ملڪن ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ۽ هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات به ان ئي نوعيت جا آهن. افغانستان پاڪستان تي طالبان جي مدد، پاڪستاني طالبان افغنستان موڪلڻ، لاش ۽ زخمي پشاور ۽ چمن اچڻ  جا الزام هڻي رهيو آهي ۽ پاڪستان انهن الزمن کي رد ڪري رهيو آهي. سول سوسائٽي سلسله علي خيل جي اغوا ۽ مٿس تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي افغان سفير سان همدردي جو اظهار ڪندي پاڪستان تي قانون جي احترام ۽ واقعي جي صاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته جمعي تي وزيراعظم عمران خان تاشقند جي دوري تي هو ۽ جڏهن افغان صدر اشرف غني کي 17 کان 19 تائي اسلام آباد ۾ رٿيل افغانستان بابت امن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ چيو ته هن ڪانفرنس ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ بظاهر لڳي ٿو ته ان جو سبب به هي اغوا واقعو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو