اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ اقتدار جَي بُکين جِي جمع بازار ناڪام ٿي وئي، عمران خان کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان ڪو خطرو ناهي، نون ليگ جون مزاحمت ۽ مفاهمت واريون ٻئي پاليسيز ناڪام ٿي چڪيون آهن، شهباز شريف حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته در کليل آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اڳ ئي چيو هو ته نواز ليگ ۽ شهباز ليگ 2 الڳ پارٽيز آهن، محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکيو ويندو، محرام الحرام بابت خميس تي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آھي، افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا معاملي بابت جاچ مڪمل ڪئي وئي آھي، افغان جاچ ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، افغان جاچ ٽيم کي پوليس جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، افغان ٽيم چاهي ته 11 ماڻهن جا انٽرويو ڪري سگهي ٿي، ھن چيو تھ افغان سرحد کان پناهگيرن جي ڪا به آمد ناهي ٿي، افغانستان مان اهي ئي ماڻهو واپس آيا، جن وٽ ڪاغذ آهن، شيخ رشيد چيو تھ نور مقدم قتل ڪيس ۾ انصاف ٿيندو، عدالت مک جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي، افغان سفير جِي ڌيءُ وارو واقعو ڪليئر آهي، افغان ٽيم کي پوليس بريف ڪندي.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا