افغان اولسي جرڳي جا اڳواڻ پاڪستان پهچي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) افغان اولسي جرڳي جو وفد افغان قومي اسمبلي جي اسپيڪرمير رحمان رحماني جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پهتو آهي. هوائي اڏي تي قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، افغان معاملن بابت مشير محمد صادق ۽ پاڪستان جي ڪابل واري سفير منصور خان سندن آڌر ڀاءُ ڪيو.

وفد ۾ يونس قانوني، اڳوڻي صدر برهان الدين رباني جو پٽ صلاح الدين رباني، شمالي اتحاد جا اڳواڻ احمد شاهه مسعود جا 2 ڀائر احمد ولي ۽ احمد ضيا مسعود ۽ هزاره برادري جا مععزز استاد محقق ۽ ڪريم خليلي به شامل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو