افغان امن معاهدي تي 29 تي صحيحون ٿينديون، قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان افغان امن عمل لاءِ طالبان ۽ آمريڪا ۾ معاهدي تي اتفاق کي مثبت پيش رفت قرار ڏيندي چيو آهي ته امن معاهدي تي صحيحون پاڪستان جي موجودگي ۾ ٿينديون. هن چيو ته هي وڏو مشڪل عمل هو ۽ اسين اڳ ۾ دنيا کي قائل ڪيو ته افغانستان جو دائمي امن طاقت جي استعمال بدران ڳالهين ۾ آهي. ان لاءِ طلابان کي راضي ڪرڻ به مشڪل عمل هو. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته افغانستان هڪ قتل بعد صدر ٽرمپ امن عمل معطل ڪيو جيڪو اسين بحال ڪرايو، دوحه ڳالهين جو انتظام ڪيو ۽ ٻن مغوين کي آزاد به ڪرايو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ طلابن جا نمائندا امن عمل تي صحيهون ڪرڻ تي اتفاق جو اعلان ڪري چڪا آهن ۽ 29 فيبروري تي صحيحون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو