افغانين جو وڌيڪ سنڌ بار نٿي کڻي سگهي

ليکڪ  عبدالفتاح عباسي

تازن اطلاعن موجب اميرڪي فوجي هزارين افغانين کي وٺي ڪراچي پهتا آهن ۽ ليبر ڪالوني ۾ کين ترسايو ويو آهي. چيو ته اهو ٿو وڃي ته هو عارضي قيام ڪندا پر ماضي شاهد آهي ته اڳ ۾ به ڪيمپن ۾ عارضي رهايل افغاني هاڻي محلن جا مالڪ آهن. طالبان جو افغانستان ۾ ايترو جلدي ائين اچڻ سواءِ آمريڪي سازش کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ آمريڪي عناصر ڪڏهن به پنهنجن مفادن کانسواءِ ڪنهن کي گاهه به ناهن وجهندا، هيءُ جيڪو افغاني طالبانن جو اوچتو افغانستان ڪهي اچڻ آهي انهيءَ پٺيان لازمي طرح عالمي سازش ڪندڙ ٽولن گروهن سامراجي قوتن جا بين الاقوامي مفاد شامل آهن، طالبانن جو افغانستان مٿان حملو ۽ صدارتي محل خالي ڪرڻ معنيٰ خيز خبر ناهي ڇاڪاڻ ته انهن کي اڳ ۾ ئي اهو سگنل ملي ويو هيو ته هاڻي توهان ٽپڙ ويڙهيو ۽ ٻيا گڏا اچڻ وارا آهن انهن جي لاءِ جاءِ خالي ڪريو ۽ اهڙي طرح افغانستان جي حڪومت جا سمورا معاملات طئي ٿيڻ بعد لازمي طرح هنن طالبانن کي نوازيو ويو نه ته هنن کي ڪهڙي خبر ته حڪومت ڇا ٿيندي آهي؟، هي الوٽ نما ماڻهو پنهنجي اسٽائيل ، پنهنجي هلڻ چلڻ ۽ ڳالهه ٻولهه سميت سمورن معاملن ۾ ڪنهن ٻهراڙيءَ زندگيءَ کان سواءِ ڪجهه معلومات، انساني طور طريقا ، انساني همدردي، قانون، آئين ۽ مخلوق خدا جا ڪيترا حقوق آهن انهن بابت هنن وٽ ڪهڙي وسيع ۽ ڪامل ڄاڻ آهي جو اهي جڏهن افغانستان ۾ پنهنجي طالبان جي حڪومت آڻڻ وقت افغانستان جي پارڪن، ٻاغن ۾ ٻارڙن جي جهولن پينگهن ۾ ڏاڙهي پٽڪن سان جهولڻ لڳن سان گڏوگڏ ئي انهن جهولن ته جهولن پر ٻارڙن جي راند جي جاين تي پنهنجا پٽڪا جيڪي سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم جي نعمت طور آهن انهن کي لاهي ڦٽو ڪري ٽپڪا نچڻ شروع ڪري ڏٺا ويا ۽ انهيءَ وقت انهن جي ميچوئرٽي بردباريءَ جي خبر پئي ته اهي ڪيترا سنجيدهه آهن پنهنجن مقصدن سان ، انهن کي رڳو ٻارڙن جو پارڪ ۾ رانديڪو مليو آهي ته اهي ٽپڻ نچڻ رونشو ڪندي نه پئي ماپيا، ته اهي ڪهڙي طرح حڪومت هلائيندا ؟ ، طالبان جو اصل کان اهو ڪم رهيو آهي ته عوام تي ناجائز، غير قانوني ۽ غير انساني طريقي سان قابض ٿي ڪري حڪومت ڪئي وڃي ۽ اهي جمهوري انداز  بجاءِ هميشه غير جمهوري سوچ جا عڪس بڻجي ڏاڍ، ڏمر، جبر، آمريتي انداز اپنائيندي پوري انساني مخلوق کي پنهنجو غلام ۽ پاڻ کي آقا تصور ڪندي حڪومت هلائڻ جو رجحان آڻيندا رهيا آهن، جڏهن ته هر قوم، هر مذهب، هر برادري بلڪ هر فرد جا حقوق آهن، هر ملڪ ۾ مسلمانن سان گڏ هندو، ڪرسچن عيسائي، ٻڌ ڌرم وغيرهه به رهن ٿا، مسجدين سان گڏوگڏ ئي انهن جي عبادت گاهن جو به خيال رکڻو آهي ۽ انهن کي پنهنجي آزاديءَ سان پنهنجي انداز مطابق عبادت ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، ڪڏهن به ڏاڍ زبردستي، غير جمهوري انداز ۽ آمريتي لهجي ۾ ڪا به دل ۽ ملڪ فتح نٿو ڪري سگهجي، هميشه حسن اخلاق ۽ ڪردار سان ڪاميابيون ملي سگهن ٿيون پر طالبان وٽ اها شيءِ اڻ لڀ ۽ پري پري تائين ناهي، طالبان جي حڪومت افغانستان ۾ اچڻ سان پاڪستان ۾ ڪي نا سمجهه ۽ بيوقوف ماڻهو خوشيون، شادمانا ۽ جشن ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ويلڪم ڪرڻ جي غير سنجيدهه ڪوشش ڪندي ٻين کي هيسائي رهيا آهن. جڏهن ته ڪابل ۽ ڪنڌار جي ريت رسم ۽ عام ڳالهه عالم آشڪار آهي ته اهي سڄڻ گهٽ پر غداريءَ ۾ اڳرا گهڻي قدر هوندا آهن. انهن جي دل ۽ دماغ  ۾ انسانيت جو جذبو گهٽ پر رڳو انهن وٽ  بم ۽ بارود جي ڳالهه شامل رهي ٿي ۽ انسانيت سان پيار، محبت، پريت، پاٻوهه جهڙا انيڪ جذبا انهن کان ڏور آهن، انهن جي تعليمات، انهن جي نشو نما، انهن جي پرورش ۽ انهن جو اٿڻ ويهڻ سڀئي بندوق ۽ بم ، اسلحي ۽ هٿيارن سان شروع ٿين ٿا، جيڪي بم ۽ بارود جي ڳالهه ڄاڻيندا هجن انهن کي انسانيت جو ڪهڙو قدر ۽ اهميت هوندو ؟، جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان اهي طالبان ڪنهن عالمي سازش جي نتيجي ۽ اشاري ۾ پاڪستان ۾ ڪاهي پيا ته پوءِ حڪومت پاڪستان به آمريڪا جي آڏو هٿ جوڙي شايد مجبور ٿي پئي ۽ انهن طالبانن کي جڏهن پاڪستان ۾ اجازت ملي ته پوءِ اهي پوري پاڪستان ۾ پنهنجو انتها پسند نيٽ ورڪ، سرگرميون شروع ڪندي سنئون سڌو سنڌ صوبي کي ٽارگيٽ بڻائيندي پنهنجون غير انساني سرگرميون شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ ئي بم ۽ بارود جي ريهرسل شروع ڪندا ۽ هن ملڪ جون فضائون توڙي ماحول بد نظرن جي ور چڙهي سگهي ٿو انهي لاءِ حڪومت سنڌ پنهنجو مضبوط ، سگهارو، چٽو ۽ واضع موقف رکندي وفاقي حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته اسان کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي اندر طالبان نه گهرجن ۽ انهن جي سنڌ جي شهرن، ڳوٺن هر جاءِ تي ناڪا بندي سخت سيڪيورٽي تحت ڪندي افغانن توڙي طالبانن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن اماڻڻ لاءِ انتظامات ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن جي متنازع تڪراري بڻجڻ جو سبب اهي خود پاڻ ذميوار آهن، اهي پاڻ کي سچو مسلمان تصور ڪندي ٻين جون سسيون لاهڻ، جيئرن جاڳندن ماڻهن کي مقتل گاهه ۾ پهچائڻ، پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سمجهڻ سندن جي ڀل آهي، اهي پاڻ کي وڏو خدا پرست سمجهن ٿا ۽ ٻين مشرڪ، بدعتي ۽ غير مسلم سمجهندي جيڪا رت جي راند ڪندا رهيا آهن انهن جي هاڻي ڪهاڻي پوري ٿيڻ گهرجي، هتي جيڪي به لساني، مذهبي فساد، جهيڙا هنگاما ٿيندا رهيا آهن انهن ۾ ڊائريڪٽ يا ان ڊائريڪٽ آمريڪا نواز حڪومتن جو هٿ سازش شامل رهي آهي، پاڪستان ۾ 72 فرقا ۽ فرقيون ڪنهن بڻايون آهن ؟، ۽ انهن جي سپورٽ ڪير ڪري رهيا آهن؟، ۽ جيڪي طالبان جي پٺڀرائي ۽ انهن ۾ دلچسپي رکندڙ آهن ؟، ۽ اهي ڪير آهن جيڪي ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي لعل مسجد ۽ حفضه مسجد مٿان طالبانن جا جهنڊا ڦڙڪائي رهيا آهن ؟، انهن ڳالهين کي سمجهڻو پوندو ته ملڪ ۾ هاڻي مذهبي توڙي لساني نفرتن ڪرڻ جو وقت ناهي رهيو اڳ ۾ ملڪ گهڻو پوئتي ۽ خساري واري صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ جي بحراني صورتحال واري ڪيفيت طالبان جي پاڪستان ۾ اچڻ سان ويتر ڪنگال پڻ ڏانهن اشارو هوندو، ملڪ جو وزير اعظم عمران خان ۽ انجي وفاقي حڪومت في الحال ته طالبان کي نه مڃڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري رهي آهي پر سازشي عالمي اشارا هنن کي جڏهن اڱر ڏيکاريندا آهن ته پوءِ ڳولي نه لڀندا آهن ۽ اهي بيان ڏيندا آهن ته اسان ملڪي مفادات جي پيش نظر طالبان کي پاڪستان ۾ اچڻ جي اجازت ڏني آهي، خدارا ملڪ جي عوام تي رحم ڪريو ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ سنڌ صوبي ۾ 40 لک غير قانوني پرڏيهي ماڻهو برمي، بهاري، افغاني، سوڊاني، انڊونيشي وغيرهه جا قومي شناختي ڪارڊ ٺهي سنڌ جي عوام جي نوڪرين، روزگار، وسيلن سميت حقن تي ڌاڙو لڳايو ويو آهي، ملڪي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته جيڪي به قيام پاڪستان کان ويندي هن وقت تائين ٻاهران پرڏيهي لوڌيل ماڻهو آيا آهن انهن سنڌ سان ڪيس ڪيا آهن انهن هتي رت جون نديون وهايون آهن، انهن هتي لساني فسادات، تعصب پرستي، انتها پسندي ظلم ۽ زيادتين جي ڀيانڪ قسم جي تاريخ ورجائي آهي، جڏهن ته سنڌ صوفين ، درويشن، الله لوڪ، ڪاملين جي امن ۽ سلامتي واري ڌرتي رهي آهي. هتي طالبان ۽ انهيءَ سوچ جا عنصر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، جيڪي مذهبي جماعتون ۽ ڪي گروهه ٽولا انهن جي آڌر ڀاءَ ڪرڻ لاءِ هنڀوڇون هڻي رهيا آهن انهن کي گهرجي ته اهي سنڌ جي ڌرتيءَ جي امن تباهه برباد ڪرڻ کان  اڳ ۾ اهو سوچين ته طالبان جي سوچ ۽ سنڌ جي صوفياڻي سوچ رسم رواج ۾ ڏينهن رات ۽ زمين آسمان جو فرق آهي، سنڌ جو ماڻهو هڪ آزاد فضاءَ ۾ جمهوري سوچ جو مظهر آهي، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ سوچ سان سنڌ ڪنهن هلي سگهي ٿي، سنڌ ته خدا تعاليٰ جي نعمتن جو هڪ مظهر آهي،جڏهن ته طالبان هڪ محدود سوچ ۽ نفرت جو روپ ڌاريندڙ گروهه ٽولو آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به طالبان سميت ڪنهن به پرڏيهي جي اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن ، ماڻهن نه بلڪ وحشين کي هتي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ويون، انهن هاڻي پنهنجو رهزني جو روپ ڏيکاريندي نفيس ماڻهن جي نالي تي جيڪا ڀيانڪ قسم جي واردات ڪندي 74 سالن کان بند پيل فائيل کولائي بنگلاديشي ماڻهن جي ڇڏيل ملڪيتن، جاين ، زمينن جي ڳالهه ڪئي آهي ته پوءِ يقينن سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي زمينن، ملڪيتن، پلاٽن، جائدادن وغيرهه تي قابض رهندڙ ڀولن کي به هٿيڪو ڪيو وڃي ۽ اهي ملڪيتون جايون ۽ زمينون واپس ڪرايون وڃن، هنن پان کائو وارن کي مڙيئي سڙيئي هيڏانهن هوڏانهن ڪري سنڌ سان وير وٺڻ جو بهانو گهرجي، تنهن ڪري اها مڇي ئي کاري مان ڪڍو جيڪا گند ۽ ڪن ڪري ٿي، اهي ماڻهو ئي نه گهرجن جيڪي امن سلامتي صوفياڻي ڌرتي سنڌ جي لاءِ نوان وبال جان بڻجن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي انهي معاملي ۾ انتهائي سنجيدهه ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، طالبان جو سنڌ ۾ پهچڻ معنيٰ نئون خچر کلو ۽ ڊرامو شروع ٿيڻ هوندو،  تنهن ڪري ڪهڙي به صورت ۾ پ پ پ جي سنڌ حڪومت پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪندي ڪنهن به صورت ۾ پرڏيهين خاص ڪري طالبانن کي سنڌ م اچڻ جي سخت عملي مخالفت ڪندي سنڌ جي سرحدن تي سيڪيورٽي الرٽ ڪندي سنڌ پوليس هدايتون ڪيون وڃن ته سنڌ ۾ ڪنهن به پرڏيهي خاص ڪري طالبانن کي نظر ۾ رکندي انهن کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٻين ايندڙ پرڏيهين جي رستا روڪ ڪئي وڃي.                

پهنجو تبصرو موڪليو