افغانين کي ڪراچي اچڻ کان روڪڻ جي حڪمت عملي ٺاهبي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ وفاق ۽ انٽيليجنس ايجنسيز سان گڏجي اهو يقيني بڻائينداسين ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اُن جي لڏپلاڻ جا اثر ڪراچي تي نه پون. اهڙو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت کانپوءِ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي سيد ناصر شاهه ۽ سهيل انور سيال به موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄڪلهه جيڪا چُرپر ٿي رهي آهي،  اُن کي به ڏسون ٿا،  اُن حوالي سان ڪجهه لنڪس نظر اچن پيا. افغان صورتحال سبب خطي ۾ ايندڙ تبديلين کي ڪراچي جي رُخ ۾ گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، وڏي وزير هڪ سوال تي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي هجڻ گهرجي ها، پيپلز پارٽي وزيراعظم جي اچڻ تي واڪ آئوٽ جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي، هن چيو ته جڏهن بني گالا ريگولرائيز ٿي سگهي ٿو ته نسله ٽاور ڇو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ واپس اچي ويندس، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پرڏيهه وڃي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاو ڀٽو وائيٽ هائوس ۾ سالياني ڊنر ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي صدر جي دعوت تي وڃي پيو. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت  فيصلو ڪيو  آهي ته گجر نالي ۽ اورنگي نالي جي 6500 متاثرين کي ڪي ڊي اي جي اسڪيم 42 ۾  80 گز جا پلاٽ ڏنا ويندا. متاثرين کي ٻن مهينن تائين في خاندان 15 هزار ڪرايو به ڏنو ويندو. هن چيو ته اسين سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪريون ٿا ته بحريا ٽائون وارن پئسن مان 10 ارب اسانکي ڏيو ته ملير ۾ ترقياتي ڪم ڪري سگهون ۽ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ 109 ارب روپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿئي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو