افغانين کي شهرن ۾ نه پر سرحدن تي ترسائبو، فواد چوڌري

اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي هن ڀيري افغان پناھگيرن کي شهرن ۾ نه، پر سرحدن تي پناهه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هن چيو ته  پاڪ فوج جو افغان سرحدن تي ڪنٽرول اثرائتو آهي، افغان مهاجر اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل نه ٿيا آهن، پاڪستان جو طالبان تي اثر رسوخ آهي پر ڪنٽرول ناهي، افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال ايتري خراب نه آهي، چاهيون ٿا ته افغان حالتون مستحڪم رهن،هن چيو ته وزيراعظم عمران خان  اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي جيڪا نه مڃي وئي، اڄ افغانستان جون حالتون سڀني جي سامهون آهن.هاڻي به دنيا پاڪستان جي ڳالهه نٿي مڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو