افغانين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن، شاهه

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته افغانين کي سنڌ ۾ ترسائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن سنڌ حڪومت اهڙو ڪو به ڪم نه ڪندي جنهن سان سنڌ جي عوام کي نقصان پهچي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه راڻيپور ۾ ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه سان سندس ڀاءُ پير رفيق شاهه ۽ والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي آبادگارن جا فصل تباه ٿي رهيا آهن ارسا ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏئي رهيون آهن پيپلز پارٽي صوبي جي حقن تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندي سنڌ پوليس جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو