افغانين پناهه جي بدلي سنڌ کي هيروئن ۽ هٿيار ڏنا، مهر

خانپور مهر (آفتاب سيال) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر چيو آھي ته افغاني رڳو وسيلن تي ئي قابض ناهن , پر هنن سبب سنڌ  هيروئن , غير قانوني ھٿيارن  ۽ بدامني کي ڀوڳي پئي. تنهن ڪري بنا دير کين پنهنجي وطن اماڻيو وڃي ڇوته سنڌ سندن  ٻوجهه مستقل بنيادن تي نه ٿي کڻي سگهي. اهڙن خيالن جواظھار هن خانڳڙھ ۾ مختلف سياسي سماجي وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو . سردار محمد بخش مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پي ٽي آء سرڪار هر رنگ ڍنگ, قول ۽ فعل , عمل ۽ اعلان ۾ مڪمل متضاد ۽ فيل ٿي چڪي آھي تنهن ڪري هن وزير اعظم جي رخصتي کانسواءِ ملڪ جي عوام جي ڀلائي ناممڪن آھي . پ پ ايم اين اي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ نوجوانن کي ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ جا نغارا وڄايا پر بدقسمتي اها آھي ته وفاقي سرڪار نيون نوڪريون ته پيدا ڪون ڪيون پر خالي پيل 80 هزار آساميون به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جيڪا ملڪ جي نوجوانن سان ظلم آهي. ٻئي پاسي  رانوتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ شھيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن بابت محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته پوليس نوجوان جي شھادت ۽ اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ تي  کيس تمام گهڻو ڏک رسيو آھي ۽ ھو آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ شھيد اهلڪار جي وارثن سان تعزيت ڪري ٿو .سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته رانوتي ڪچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن جي مالي سهائتا لاء سنڌ حڪومت کي خصوصي درخواست ڪري ٿو . جڏھن ته پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر سک ياترين جي ڪوسٽر سان پيش آيل حادثي جي فوتين تي ڏک جو اظھار ڪندي حادثي جي اڻڌري جانچ ۽ فوتين لاء وفاقي سرڪار کان سندن وارثن لاء مالي سهائتا جو مطالبو پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو