افغانين هٿان قتل ٿيل نوجوانن جو انصاف لاءِ احتجاج

جروار (رپورٽ محمد بخش گبول)ڪراچي جي صفوران چورنگي ۾ افغاني پٺاڻن هٿان قتل ٿيل عبدالحميد گبول جي قاتلن جي گرفتاري لاء جروار ۾ ايس ٽي پي ۽ شهيد ڀٽو جي ڪارڪن محمود گبول قبول گبول مير احمد چنڙ مجاهد علي غلام ياسين ۽صفت علي گبول جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جڏھن به  پ پ پ  حڪومت ۾ هوندي آھي ته ڪراچي ۾ ناحق سنڌي ماريا ويندا آھن پ پ پ جي هر دور ۾ سنڌين کي قتل ڪيو وڃي ٿو ڪڏھن مرتضي ڀٽو ته ڪڏھن ارشاد رانجهاڻي ته ڪڏھن عبدالحميد گبول جھڙا  ڳڀرو ناحق قتل ڪيا وڃن ٿا  سندن چوڻ ھو اسان مراد علي شاھ سميت وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته پنھنجي ڌرتي جي وارثن جي مالڪي ڪري بيگناھ قتل ٿيل عبدالحميد گبول  جي سمورن قاتلن ۽ قتل ۾ ملوث سھولتڪارن  کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌ مان افغاني توڙي ٻن ڌارين کي پڻ سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو