افغانستان ۾ ٻن ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ 6 ڄڻا قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ ٻن ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا. پهريون واقعو ڪابل ۾ عيدگاهه مسجد جي دروازي تي پيش آيو جتي بم ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ان وقت طالبان جي نائب وزير اطلاعات ذبيح الله مجاهد جي والده جي فاتحه ٿي رهي هئي. ٻيو واقعو جلال آباد ۾ پيش آيو جتي اڻڄتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. افغان ميڊيا رپورٽن مطابق افغان صحافي ۽ ليڪچرار سيد معروف سعادت به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي. مقامي ماڻهن موجب مارجي ويلن جو تعلق طالبان سان آهي جڏهن ته صحافي معروف سعادت جو پٽ فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پيو. افغان ميڊيا موجب ڪنهن به گروپ اڃا تائين فائرنگ جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو