افغانستان ۾ عدم مداخلت جي پاليسي برقرار رهندي، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جو چوڻ آهي ته هو افغانستان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي اصول تي عمل ڪندو. افغانستان ۾ تيزيءَ سان بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو ٻه ڪلاڪ ڊگهو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته افغانستان جي مسئلي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ، ”بائيڊن انتظاميه جو افغانستان مان نڪرڻ بنا ڪنهن شڪ جي تڪرار جو هڪ منطقي حل آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان عمل ڪندو ، پاڪستان چاهي ٿو ته پاڙيسري ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام هجي، پاڪستان عالمي برادري ۽ افغان اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪري سياسي حل جي سهولت لاءِ ڪم ڪندو. اجلاس ۾ ، وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين ، سفارتڪارن ۽ صحافين لاءِ ۽ ڪابل ۾ ڦاٿل بين الاقوامي تنظيمن جي نمائندن جي واپسي لاءِ به قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو