افغانستان ۾ طالبان ۽ افغان فورسز ۾ لڙائي تيز، قنڌار تي قبضو

ڪابل (ويب ديسڪ)آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي نيڪال بعد طالبان حملن ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ 30گذريل 24 ڪلاڪن دوران افغان فورسز ۽ طالبان جنگجوئن ۾ لڙائي تيز ٿي وئي آهي. 34 صوبائي گادي وارن شهرن ۽ 372 ضلعن مان 110 تي طالبان قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي. آچر تي رات تائين جي اطلاعن موجب قنڌار صوبي هيڊ ڪوارٽر واري ضلعي پنجوائي تي طالبان قبضو ڪري ورتو آهي گورنر هائوس سميت اهم عمارتن تي سندن ڪنٽرول آهي. قنڌار طالبان جو آبائي ضلعو آهي جتان هنن قبضو شروع ڪيو هو. جڏهن ته سيڪورٽي فورسز هلمند ۾ گذريل رات بماباري ڪري 300 طالبان کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪنڙ جي 9 چيڪ پوسٽن تي طالبان قبضو ڪيو آهي  39 فوجين هٿيار ڦٽا ڪري طالبان کي جوائن ڪيو آهي ۽ 31 فوجي پاڪستان فرار ٿي ويا آهن.

Taliban Fighters in Afghanistan, file photo

افغان فورسز جو چوڻ آهي ته هن طالبان سان مقابلو ڪري ڪيترا ضلعا واپس ورتا آهن. افغانستان ۾ خانه جنگي جي خطرن سبب ڀارت سميت مختلف ملڪن سافرتي عملو محدود ڪندي سندن غير ضروري چر پر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي شهري ڪافي پريشان آهن. ڀارت افغانستان ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي ڊيم، روڊ رستا ۽ مختلف منصوبا جوڙيا آهن ۽ سندن 1700 شهري افغانستان ۾ موجود آهن. هڪ پاسي طالبان جي دعويٰ آهي ته ڪيترن شهرن ۾ افغان سيڪورٽي فورسز هٿيارن ۽ فوجي گاڏين سميت کين جوائن ڪيو آهي. هو ڪابل تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪابل کان 4 ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن. عام شهري ڌڙا ڌڙ اسلحو خريد ڪري رهيا آهن ته جيئن هو پنهنجو تحفظ ڪري سگهن. غير يقيني واري صورتحال سبب خوف جو ماحول آهي.

Women protest and support peace, File Photo

پهنجو تبصرو موڪليو