افغانستان ۾ طالبان جي ٻيهر حڪمراني ۽ آمريڪي پاليسيون !

محمد اسماعيل لانگاھ 

ويھ ورهين آمريڪي طاقت نيٺ طالبان اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا, آمريڪي ملٽري ملڪ واپس ورڻ واري اعلان کانپوء طالبان افغانستان ۾ ٻيهر پوري ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي, بغير ڪنهن مزاحمت جي طالبان جي ڪابل تي ايتري تڪڙي پيش قدمي کي دنيا جا ڪيئي ملڪ وڏي سازش سمجهن ٿا ڇو ته ويھ ورهين تائين آمريڪي عتاب هيٺ رهندڙ طالبانن وٽ ايترا وسائل ۽ هٿياربند گروھ ۽ طاقت ڪٿان آئي جن مختصر عرصي اندر پوري افغانستان ۾  ڪنٽرول سنڀالي ورتو, 9/11 واقعي کان پوء آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش  نيو يارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ٽاورن تي حلمن جو الزام افغانستان ۾ مقيم طالبان قيادت ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ اسامه بن لادن تي هڻي افغانستان تي چڙھائي جنهن جي طاقت ۽ حملي کي ويھ ورهين بعد به کين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو پر طالبان هن ڀيري ڪابل تي قبضي بعد انهن پنهنجي فيصلن تي وڏي تبديلي آندي آڻيندي عجيب فيصلا ڪيا آهن جنهن ۾ پهرين ته هنن ڀارت کي کلي عام وارننگ ڏني آهي, ۽ ٻي طرف پاڪستان سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو آهي طالبانن پنهنجن فيصلن ۾ پنهنجي دشمنن لاء عام معافي جيلن مان قيدين جي آزادي عورتن  کي اسلامي ريتن روايتن تحت حق ڏيڻ ۽ اهل تشيعت کي پنهنجي ريتن رسمن ملهائڻ جي اجازت ڏيڻ جهڙا عجيب فيصلا پڻ ڪيا آهن. چونداآهن ته جيڪو انسان ,انسان جي ڪيل هدايتن تي عمل نٿو ڪري وقت ان کي ضرور تبديل ڪري ٿو سو طالبان جي ويھ ورهين پهرين وارن فيصلن تي اڌو اڌ تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي هن ڀيري هو بلڪل تبديل نظر اچي رهيا آهن  في الحال ته اهو نٿو چئي سگهجي ته وقت گذرندي انهن جي پاليسين ۽ فيصلن ۾ ڪهڙي چينجنگ ايندي ۽ ھُو پاڙيسري ملڪن خاص طور پاڪستان, ايران ,چين, ڀارت روس سان انهن جا ڪهڙا ناتا رهندا, ڇو ته هن وقت هو طاقت جي زور تي ٻيهر قابض ته ٿيا آهن پر ملڪ هلائڻ لاء پرڏيهي پاليسين ۾ نرمي سان ئي ملڪن جو نظام بهتر هلائي سگهجي ٿو پاڪستان ۽ افغانستان پاڙيسري ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ انهن جون رشتيداريون پڻ ٿيل آهن ۽ آمريڪي قبضي کانپوء افغانستان مان ڀڄي آيل 20لک افغانين جي ملڪ واپسي لاء پاڪستاني عوام جو حڪمرانن مٿان وڏو زور رهيو آهي ۽ موجوده وفاقي سرڪار پڻ انهن جي واپسي جي لکت ڪري چُڪي آهي ته 2021 ۾ انهن کي واپس ڪرڻو آهي طالبان جي قبضي بعد حڪومت مٿان هاڻي کان زور شروع ٿي چُڪو آهي ٻي طرف سابق افغان حڪومت سان آمريڪي پاليسين جي پسمنظر هيٺ  ڪُجھ وقت اڳ ناتن ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول به رهيو ۽ افغانستان ۽ ڀارت جي وڌندڙ گهرائپ پاڪ افغان پاليسين تي وڏو گهرو اثر ڇڏيو , پر پوء پاڪستان پنهنجي دوستاڻن روين ۾ سختي نه رکي ٻه مهينا پهرين پاڪ افغان بارڊر تان افغان ايئر فورس جي جهاز جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوء قبضي ۾ آيل تمام افغان فورسز جي آفيسرن کي اظهار همدردي تحت ملڪ صحيح سلامت واپس موٽايو ويو. اڄ کان 40 سال اڳ دنيا ۾ سپر طاقت روس  به ذاتي مفادن خاطر افغانستان تي چڙھائي ڪري وڏي عرصي تائين رهڻ جي باوجود کين ناڪام ٿيو ۽ روس معاشي ۽ مالي ڪمزورين سبب ٽُٽي پيو 

روس27 ڊسمبر 1979 تي افغانستان تي حملو ڪري کين حڪومت کي ختم ڪري  پنهنجي طاقت ڄمائي ويهي رهيو 1979ع تي  افغان فوجي وردین ۾  ملبوس روسي خفیہ اداري GB۽  GRU  جي ڪمانڊوز  پنهنجي بئرڪن مان اچانڪ نڪري ڪري افغانستان جي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن ٽي وي چئنل آفيسن سميت صدارتي محل  ڪابل تي حملو ڪيو ۽ افغان صدر حفیظ اللہ امین کي حملي ۾  قتل ڪيو صدر جي قتل بعد پوري ملڪ ۾ افراتفري پکڙجڻ بعد پوري ملڪ ۾ روسي فوجن قبضو ڪري پوري افغانستان جي حڪومت پنهنجي قبضي هيٺ ڪري ڇڏي قبضي بعد ڪابل جي صدراتي محل مان ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي افغان عوام کي ٻُڌايو ويو ته 

 ڪمیونسٽ پارٽي جو سربراه ببرڪ ڪارمل هاڻي نئين افغان حڪومت جو سربراه آهي ان وقت کانپوء پوري خطي اندر وڏي خوف واري لهر پکڙجي وئي روس جي افغانستان تي حملي وقت ان وقت پاڪستان اندر جهادي تنظيمن يا مدرسن جو وڏو انگ موجود نه هو ۽ ملڪ ۾ آمرانه حڪومت نافذ ٿيل هئي ۽ روس جو اهو خيال هو ته هو چند مهينن اندر افغانستان کي فتح ڪري وٺندو  ۽ جڏھن 15 فيبروري 1989تي آخري روسي ملٽري افغانستان سوویت یونین سرحد تي آمو دریا مٿان قائم حیرتان پُل ڪراس ڪري پير رکيو ته ان دوران افغانستان تي قبضي جا نو سال ۽ ٻه مهينا گذري چڪا هئا روس جي افغانستان تي چڙھائي جا اصل مقصد گرم پاڻي جي زخيرن تي قبضي ۽ پاڪستان ۾ طاقت ڄمائڻ جو مقصد ھو پر ان وقت روس جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاء آمريڪي حڪمرانن پاڪستان جي جنرل ضياءُ الحق سان صلاح مصلحت بعد وڏي تعداد ۾ فنڊز ڏئي جهادي گروپن کي جنم ڏنو ۽ چون ٿا ته اهڙي ڪم ۾ سعودي به حصو ورتو پوء پاڪستان اندر مدرسه قائم به ڪيا ويا ۽ انهن ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ جهادي ٽولن کي روس خلاف ويڙھ ۾ حصي لاء موڪليو ويو پاڪستان آمريڪا, سعودي افغانستان چئني ملڪن جي ملي ڀڳت سان روس جي طاقت کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ معاشي حالتون ڪمزور ٿيڻ ڪري روس ٽُٽي ويو روس کانپوء آمريڪا پنهنجي پاليل جهادين کي سبق ڏيڻ لاء نيويارڪ ٽاورن تي حملي جو ڊرامو رچايو.

9/11واقعي کانپوء افغانستان تي آمريڪي قبضي بعد پاڪستان ۾ قائم آمرانه حڪومت جي سربراه جنرل پرويز مشرف جي همدردي سان هزارين افغاني مجاهدين کي قتل ڪيو ويو ۽ گرفتار ڪري آمريڪا گوانٽانامو بي جهڙن اذيتناڪ جيلن ۾ واڙي کين جيڪا هنن جي تذليل ڪئي وئي اها پوري دنيا جي اکين آڏو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته طالبان پنهنجن پراڻن روايتن کي اپنائن ٿا يا دنيا سان گڏجي هلن ٿا ڇو ته طاقت جي زور سان جڏھن آمريڪا فاتح نٿي سگهيو ته طالبان به شايد افغانستان اندر پنهنجي اصلي طاقت استعمال نه ڀي ڪن اڳئين دور ۽ ھاڻوڪي دور ۾ ضرور انهن کي فرق محسوس ٿيندو ته دنيا ڪيتري تبديل ٿي چُڪي آهي افغانستان تي باآساني قبضي تي دنيا اندر ڪافي قياس آرائيون به ڪيو پيون وڃن ته آمريڪي حمايت جي تسلسل هيٺ طالبانن جي لاء  ٻيهر حڪمراني لاء راهون هموار ڪيون ويون آهن خود آمريڪي حڪمرانن جو چوڻ آهي ته دنيا جي امن جو ٺيڪو آمريڪا ناهي کنيو ۽ افغانستان ۾ ويھ ورهين ويهڻ تي افغان آرمي فورسز جي کاڌي پيتي ۽ پگهارن ڏيڻ وارو ڪم به اسان تي هو آمريڪي فورسز کي ڪڍڻ سان طالبان اڳيان افغان فورسز جي طاقت بلڪل ڪمزور هئي جيڪي محاذ آرائي ڪرڻ بجاء انهن کي ڪابل تي قبضي جو رستو صاف ڪري ڇڏيو طالبان کي دنيا اندر ڪيترن ئي نالن سان منسوب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ القائده, داعش مشهور تنظيمون آھن جيڪي وڏين جنگجو تنظيمن طور سُڃاتيون وڃن ٿيون سويت يونين جي قبضي وقت صرف طالبان ئي هئا  هن وقت انهن جو نيٽ ورڪ پکڙجي چُڪو آهي ڏسڻو اهو آهي ته افغانستان ۾ ڪهڙي طرز جي حڪمراني قائم ٿئي ٿي ۽ پاڙيسري ملڪن سان نئين افغان حڪومت ڪيئن پيش ايندي ۽ ڪهڙيون پاليسيون طئي ڪندي ليڪن جيڪڏھن پنهنجي پاليسين ۾ ڪابه تبديلي نه آندي ته ٿي سگهي اڳتي هلي وري دنيا اندر وڏي ڏچي جو سبب بڻجن طالبان جي موجوده قبضي کي يورپي يونين پڻ ڪاميابي تسليم ڪندي طالبان قيادت سان ڳالهين وسيلي معاملا سلجهائڻ کي ترجيح ڏني آھي نئين سر حڪومتي جوڙجڪ لاء يورپي يونين سميت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن, پاڪستان افغانستان ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪري ٿو سابق صدر اشرف غني جي حوالي سان پاڪستان جي گهرو کاتي طرفان به بيان جاري ڪيو ويو آ ته اشرف غني وزير اعظم عمران جي مصالحتي ۽ ثالثي واري آڇ کي سيريس نه ورتو ۽ اهڙي نوعيت پيش آئي ۽ آمريڪي پاليسين مان ته پوري دنيا واقف آھي افغانستان تي چڙھائي جا هن جا مقصد ڪُجھ ٻيا هئا جنهن ۾ افغان جنگ ۾ ڪاميابي بعد هن جو ٻيو هدف ايران هو ليڪن ناڪامي بعد هن اهڙو پيغام پاڪستان کي به ڏنو ته افغانستان مان نڪرڻ بعد پاڪستان پنهنجي سرزمين تي رهڻ لاء اڏا ڏئي ۽ اهڙو مطالبو پاڪستان کين ٺُڪرائي ڇڏيو ليڪن ايران ۽ پاڪستان سان اندروني طريقي سان هو ڪنهن نموني پلاند ڪرڻ چاهي ٿو, جنهن لاء هو وقت جو انتظار ضرور ڪندو ليڪن طالبان جي حڪمراني ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي ڇو ته هو هڪ مذهبي تنظيم آهي جيڪا پنهنجي حڪمراني سويلين نه پر شرعي طور طريقن سان هلائيندي جيڪا انهن جي روايت به رهي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ڇا طالبان دنيا سان گڏ يا اڪيلي افغانستان کي کڻي هلڻ چاهين ٿا ۽ اها آمريڪي پاليسي جو تسلسل ئي سمجڻ گهرجي.  

پهنجو تبصرو موڪليو