ڪو به پاڪستان کي نظر انداز نٿوڪري سگهي، شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو کاتي جي وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ خطي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي ۽ دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي، ڪنهن جي به هتي پاڪستان کانسواءِ دال نه ڳرندي، افغانستان ۾ سُلجهيل طالبان زور وٺي رهيا آهن، اهي بندوق سان فيصلا ڪرڻ وارا نه آهن، طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ رڳو پاڪستان نه، سموري خطي جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن راولپنڊي ۾ ڪشمير چونڊ مهم جي سلسلي ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته امريڪا کي اڏا نه ڏيڻ جو فيصلو اٽل آهي، دنيا جي ڪا بھ طاقت پاڪستان کي نظرانداز نٿي ڪري سگھي، افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي بعد خطي جي سياست تبديل ٿئي پئي. پاڪستان چاهي ٿو افغانستان ۾ امن هجي، اِن معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي آهن، امريڪا ۽ برطانيا کي خبر آهي ته شريف خاندان جا دنيا ۾ ڪيترا اڪائونٽس آهن، اهي ڪشمير جو ڪيس ڪيئن وڙهي سگهندا؟. شيخ رشيد وڌيڪ چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري جي سي وي مضبوط ناهي، سندس سي وي مون وٽ آهي، هو منهنجو جاني آهي، هو پاڪستاني سياست جي رونق آهي، ڪشمير جي چونڊ مهم بلاول ۽ مريم نواز غير ذميواراڻي ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، مريم کي پنهنجي لهجي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان چاهي ٿو افغانستان ۾ امن هجي، اِن معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي آهن، عمران خان جي حڪومت کي ڪو خطرو ناھي ايندڙ ٽرم به عمران خان جو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو عمران خان حل ڪندو، ڀارت 40 سالن تائين پاڪستان خلاف دهشتگردن کي منظم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو