افغانستان نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي،قريشي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ اتحادي  فوج افغانستان مان نڪري چڪي آهي.هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي نڪرڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوج جي مڪمل نڪرڻ لاءِ 11 سيپٽمبر جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي. هن چيو ته افغانستان هن وقت نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي. افغان قومي سلامتي جي صلاحڪار جي غير ذميوارانه بيان سان ڏک ٿيو آهي. آمريڪي فوج جلد افغانستان جو بٽگرام ايئربيس افغان فورسز جي حوالي ڪري ڇڏيندي. بٽگرام ايئربيس آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي استعمال هيٺ رهندڙ سڀني کان وڏو فوجي اڏو آهي جيڪو 1980 واري ڏهاڪي ۾ اڳوني سوويت يونين تعمير ڪيو هو.هوڏانهن پينٽاگون موجب افغانستان مان 31 مئي تائين آمريڪي فوج جي نڪرڻ جو 44 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي.  گڏيل طور تي هينئر تائين ايترو سامان افغانستان مان واپس اماڻيو ويو آهي جيترو 300 سي 17 فوجي جهازن تي آڻي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو