افغانستان مان باجوڙ چوڪي تي فائرنگ ، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) افغان سرزمين تان دهشتگردن جي فوجي چوڪي تي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن افغان علائقي مان باجوڙ ۾ فوجي چوڪي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جو پاڪ فوج طرفان ڀرپور جواب ڏنو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان  ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مردان جو رهواسي 28 ورهين جو سپاهي جمال ۽ چترال جو رهواسي 21 ورهين جو سپاهي اياز شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين جي استعمال جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ اميد ٿو ڪري ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومت پاڪستان خلاف اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو