افغانستان جي صورتحال سبب ڊالر مهانگو ٿيو آهي، شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال سبب پاڪستان ۾ ڊالر مهانگو ٿيو آهي، اسانجا ڊالر افغانستان ويا، ايف آءِ اي وارن 34 مني ايڪسچينج وارن کي گرفتار ڪيو آهي، انهن جي آڊٽ ٿي رهي آهي، جلد حقيقتون قوم آڏو آنديون وينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مريم ۽ مولانا فوج جا معاملا چوڪ چوراهي تي آندا آهن ته هنن جو سياست ۾ حشر به ڌوٻي گهاٽ وارو ٿيندو. هن چيو ته مريم جي بي عقلي آهي ته فوج جهڙي عظيم اداري تي تنقيد پئي ڪري. هن چيو ته نبي پاڪ جي صدقي عمران خان مدت پوري ڪندو. هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف منصوبه بندي هيٺ لنڊن ويو هو هنکي روئڻ نه گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو