افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ پاڪستان کي افغانستان جي اندروني سياست ۽ مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري سان گڏجي افغان شهرين جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چوڌري نثار ۽ پيپلز پارٽي بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مريم نواز چيو تھ پاڪستان کي افغان عوام جا فيصلا مڃڻ گهرجن،  پي ٽي آءِ رڳو پنجاب نه پر سڄي ملڪ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪمران ڪيستائين مخالفن کي نااهل ڪرائيندا ۽ فائول پلي ڪندا رهندا، پي ٽي آءِ حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن، انتقام جي سياست گهڻو عرصو نه هلندي. سڀني کي حساب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو