افغانستان جا پاڙيسري ملڪ سرحدون کولي متاثرن کي پناهه ڏيو، يو اين

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن افغانستان جي پاڙيسري ملڪن تي زور ڀريو آهي ته طالبان حملن سبب پناهه وٺڻ لاءِ پريشان افغانين کي انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏيو. طالبان جي حملن ۾ رڳو گذريل هڪ مهيني دوران هڪ هزار شهري مارجي ويا آهن، هزارين ماڻهن ڪابل جو رخ ڪيو آهي .اقوام متحدهه جي ٻارن بابت اداري يونيسيف موجب 72 هزار ٻار ڪابل جي گهٽين ۾ سمهن ٿا يا ويئر هائوسز ۾ ترسيل آهن. ڪابل پهتل متاثرن جو چوڻ آهي ته هو بي گهر آهن پيسا به ختم ٿي ويا آهن، ماني کائڻ ۽ دوائن لاءِ به وٽن پيسا نه آهن. کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي رهيون آهن ۽ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو