افتخار آرائين ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر مقرر

روھڙي (ن سنڌيار) حڪومت افتخار احمد آرائين کي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻو ڊويزنل فاريسٽ آفيسر انور علي ڪلهوڙو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيڻ بعد ڏيڍ مھيني تائين جاءِ خالي هئي جنهن سبب ملازمن جون پگهارون ۽ آفيس جا ٻيا ڪم ڪار التوا جو شڪار ٿي ويا ھئا. فاريسٽ ورڪرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر شمس الدين کوسو ۽ ٻين عھديدارن پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته نئون ڊي ايف او مقرر ٿيڻ سان فاريسٽ ملازمن جون پگهارون جلد کان جلد جاري ڪيون وينديون ۽ رھجي ويل آفيس جا ڪم ڪار پڻ جلد پورا ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو