اغوا ڄاڻايل ناري پاران پسند جو پرڻو، تحفظ جو مطالبو

ٽنڊو مستي (رپورٽ نادر علي اڄڻ) گمبٽ جي رهواسڻ مرادان سهتو جي اغوا واري مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو, ناري مرادان فداحسين رند سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو . ان سلسلي ۾ ٽنڊو مستي ۾ جوڙي جان جو خطرو ڄاڻائيندي چيو ته اسان ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آھي جنهن بعد هاڻي ناري جو والد محمد صالح محبوب مجيد پنهنل اسان جي جان جاويري بڻجي ويا آھن جن اسان پويان اسان کي مارڻ لاء ڪرائي جا قاتل لڳائي ڇڏيا آھن، جيڪي اسانجي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا آھن جنهن سبب اسان در در جون ٺوڪرو کائڻ تي مجور آھيون هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ناري جا وارث ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي حراسان پيا ڪن ناري مرادان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو جڏهن ته مان ۽ منهنجو مڙس فدا حسين ٻئي گمبٽ جا رهواسي آھيون جڏهن ته منهنجي مڙس جي مائٽن منهنجي ڏيرن ۽ سهري مٿان منهنجي مائٽن پاران منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي ۽ سندس گمبٽ پوليس پئسن عيوض پريشان پئي ڪري هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن خدشو ڏيکاريندي چيو ته اسان کي مزڪوره ماڻھن مان جان جو خطرو آھي اسان کي ڪجھ به ٿيو ذميوار ڄاڻايل ماڻھو هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو