اغوا ٿيل 2 شاگردن جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀُنگ طلب

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) ڳوٺ حسڻ ڦلپوٽو جا رهواسي ٻه سڳا سئوٽ نائين جماعت جو شاگرد فياض ڦلپوٽو، مئٽرڪ جو شاگرد محمد پڃيل ڦلپوٽو مبينا اغوا ٿي ويا آهن جڏهن ته سندن وارثن کان 60 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مغوين جي وارثن غلام فريد ڦلپوٽو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان وٽ کجين جي باغ تي ڪم ڪندڙ شڪارپور جا رهواسي الله بخش، ممتاز، ياسين، ديدار جيڪي پاڻ کي ڀٽا برادري جا سڏرائيندا هئا جن هڪ هفتو اڳ اسان جي ٻنهي نوجوانن کي فون ڪري چيو ته سارين جو فصل لٿو آهي اسان وٽ اچي ڪري دعوت به کائو ۽ ساريون به کڻي وڃو ۽ توهان سکر تائين پهچي فون ڪجو ته اتان توهان کي وٺي به وينداسين. وارثن ٻڌايو ته نوجوان ٻئي سڳا سئوٽ آهن جيڪي موٽرسائيڪل تي چڙهي ڪري سکر روانا ٿي ويا بعد ۾ هنن جو فون بند ٿي ويو جڏهن ته 4 ڏينهن بعد هنن جي ئي فون نمبر تان رابطو ڪري اسان جي نوجوان سان ڳالهارايو بعد ۾ اغوا ڪندڙن 60 لک روپيه ڀنگ پهچائڻ جو چيو نه ته ٻي صورت ۾ ٻنهي نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيندا اهڙي صورتحال ڪري اسين سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور ۽ پيرڳوٺ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو