اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ ساوند برادري جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ ( غالب بلوچ) ساوند برادري پاران ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. مظاهرين چيو ته 5 ڏينهن گذري ويا آهن اڃا پوليس اسانجي اغوا ٿيل نوجوانن کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. گھوڙاگھٽ ٿاڻي جي  حد مان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل شھاب الدين ساوند ۽ معشوق علي ساوند جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو قدم ناهي کينو. ساوند برادري جي مقدم جهانگير خان ساوند جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لا۽ ساوند برادري جي سوين ماڻھن نيشنل ھائي وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. مظاھرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته 24 ڪلاڪن ۾ مغوي بازياب نه ڪراياوياته انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آھي ته مغوين جي بازيابي لا۽ ڪوشش ڪري رھياآھيون انشاالله جلدڪاميابي نصيب ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو