اغوا ٿيل نياڻي بازياب ڪرائي ڏيو، والدين جو احتجاج

ڪنب (صفدرچانڊيو)اغوا ٿيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي بازياب نه ٿي سگهي سندس والدين سبحان علي تمراڻي ۽ مسمات سبحانه  ميڊيا بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي  ٻڌايو ته اسان جي نياڻي 14 سالا سلطانه جيڪا نائين ڪلاس ۾ پڙھندي هئي اسڪول ويندي انکي عبدالستار مهراڻي پنهنجن ساٿين سان گڏجي زبردستي اغواڪري ويو هو ۽ اسانجي نياڻي جيڪا نابالغ آھي ان سان زبردستي ڪوڙو نڪاح جو ڊرامو رچايو آھي. جوابدار عبدالستار مهراڻي جو ڀاءُ عبدالطيف مهراڻي اسانکي فون تي ڌمڪيون ڏين پيا هنن خدشو ظاهر ڪيو ته سندن نياڻي کي قتل نه ڪيو وڃي. هنن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته سندن نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو