اغوا بعد لاشن جا ڳڀا ڪرڻ واري ڪيس مان 5 جوابدار آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ  عدالت ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد لاشن جا ڳڀا ڳڀا ڪري اڇلائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار متحده لنڊن جي 5 ڪارڪنن نورالدين عرف لالا، محمد ڪامران عرف مڪينڪ، يونس عرف لمبا، صلاح الدين ۽ آصف علي عرف مستري کي خلاف عدم ثبوت جي بنياد تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . جوابدارن خلاف پاڪستان بازار ۽ پير آباد ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل هئا. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته  جوابدارن پاران پوليس آڏو ڏنل بيان جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. استغاثه موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدارن اورنگي ٽائون ۾ هوٽل مالڪ آزاد حسين کي اغوا ڪيو ۽ کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش جا ڳڀا ڪري اڇلائي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو