اعجاز شاه شيرازي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو(ن سنڌيار)صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي ٻن مهينن کان ڪورونا سبب متاثر ٿيڻ بعد اسپتال داخل هوڪيو ويو هو جتي سندس ڦڦڙ ۽ گڙدا سخت متاثر ٿي ويا هئا.مسلسل علاج ۽ پرڏيهه مان خصوصي انجيڪشن گهرائي علاج  ڪيو ويو  هو پر نيٺ اعجاز شاه شيرازي ڌم ڌڻي حوالي ڪيو.صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي 1984ع کان مڪاني ادارن کان سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1985ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو.مسلسل 5 ڀيرا ايم پي اي چونڊيو ۽ ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير ۽ صلاحڪار پڻ رهيوهن جو هڪ پٽ اياز شاه شيرازي ايم اين اي ۽ ٻيو پٽ رياض شاه شيرازي ايم پي اي، سندس ڀائيٽيو شاه حسين شاه شيرازي ايم پي اي ۽ سندس ڀاء شفقت حسين شاه شيرازي ضلعي ناظم رهيو.هن کي ٽن پٽن جو اولاد آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو