اسڪول ۾ 11 سالن کان استاد مقرر نه ٿيو، ٻارڙا تعليم کان محروم

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي) يوسي بگودڙو جي ڳوٺ مير غلام مرتضيٰ چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ گذريل 11 سالن کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري معصوم گلن جهڙا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محرم بڻيل آهن. ڳوٺاڻن غلام شبير کوسو، مقبول احمد چانديو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استاد عبدالرشيد چانڊيو جي وفات کان پوءِ گذريل 11سالن کان اسان جي ڳوٺ غلام مرتضيٰ  چانڊيو ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيو. هنن سنڌ حڪومت سميت تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو  ته اسان جي اسڪول ۾ استاد  مقرر ڪري  معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جي زندگين تي رحم ڪري کين تعليم جهڙي زيور سان نوازيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو