اسڪول ۽ ڊسپينسري کوليو، شاگردن جو احتجاج

گهارو (رپورٽ بشام جوکيو) ٻاٻڙا شهر بنيادي مسئلن ۾ گهيريل اسڪول، ڊسپينسري بند عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳو. شهر بنيادي سهولتن کان وانجهيل، ڊسپينسري جي بلڊنگ ته آهي پر عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳو، اسڪول جي عمارت پڻ زبون حال آهي فرنيچر جي کوٽ آهي استاد گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳا، ٻاٻڙا اتحاد جي اڳواڻن بلاول ٻاٻڙو، سڪندر ٻاٻڙو ،رفيق ٻاٻڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ٻاٻڙا شهر ۾ قديمي ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار، ڳوٺ هاشم ڪاتيار، ڳوٺ غلام حسين پتافي، ڳوٺ محسن عارفاڻي، ڳوٺ خمون ٻاٻڙو ،ڳوٺ الياس ٻاٻڙو، ڳوٺ اشرف ملاح، ڳوٺ عثمان ڪنڀر، ڳوٺ حاجي شيرو ٻاٻڙو بنيادي سهولتن کان محروم آهن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ايم اين اي، ايم پي اي، کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو