اسڪول کولڻ کان پهريان استادن کي وئڪسين لڳائڻي پوندي،مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليمي ادارا کولڻا آهن ته سمورن استادن کي وئڪسين لڳائڻي پوندي، ڪو دڪاندار ڪاروبار کولڻ گهري ٿو ته پهريان وئڪسين لڳرائي، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جلد صوبي ۾بحالي طرف وينداسين، پابنديون ختم ٿي وينديون، وئڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪينداسين، صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ ماڻھن کي وئڪسين بابت غلط ٻڌايو پيو وڃي، وئڪسين ۾ ڪو بھ نقصان نھ آھئي، ميڊيا توڙي ٻين نجي ادارن جي مالڪن کي گھرجي تھ ھو پنھجن ملازمن کي وئڪسين لڳرائين. ھن چيو تھ وفاقي حڪومت پنجاب کي روڊ ٺاهڻ لاءِ 72 ارب رپيا ڏئي ڇڏيا ۽ سنڌ لاءِ رڳو 6 اسڪيمون، سڀ موٽر وي رڳو پنجاب ۾ سنڌ سان اهڙو ورتاءُ ڇو پيو ڪيو وڃي؟: ڪراچي ۾ وئڪسينيشن سينٽر جي افتتاح دوران مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال وفاق سنڌ لاءِ ڪا نئين اسڪيم ناهي رکي، عمران خان ڪراچي جي دوري دوران چيو هو ته سڀ منصوبا 3 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا، 3 سال گذري ويا پر ڪجهه نه ٿيو، عمران خان کي لکيل خط ۾ لکيو اٿم ته ائين پيو لڳي ڄڻ ٻوڙن آڏو دانهون ڪري رهيا 

پهنجو تبصرو موڪليو