اسڪول جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو

دادو(ن سنڌيار) ڳوٺ مريد ٻٻر يونين ڪائونسل پٽ گل محمد جي پرائمري اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو ڳوٺاڻن ديدار علي، محمد جمن، هيڊ ماستر لياقت علي ٻٻر، صفدر علي ،لقمان ،شير محمد ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مريد ٻٻر جو ڪم جنوري 2021 ۾ شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ھنن الزام هڻندي چيو ته اسڪول جي بجيٽ  60 لک رپيا هئي جيڪا بااثر ٺيڪيدار، ورڪس ڊپارٽمينٽ، ايس ڊي او ايجوڪيشن ملي ڀڳت ڪري پيسا هڙپ ڪري ويا اتان جي استادن جو چوڻ آهي ته اسان ڳوٺ جي معزز شخصيت جي اوطاق ۾ ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته اسڪول جو ڪم مڪمل نه هئڻ ڪري گرمي توڙي سردي ۾ وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ پئجي رهيو آهي ھنن ڊي سي دادو ۽ وزير تعليم سيڪريٽري تعليم سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کي نوٽيس وٺڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي ته سندن تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي بااثر ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ جي اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو