اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شاگردن جو احتجاج

پيرومل/ سنڌڙي (خير محمد مگسي/ وفا يار محمد شر) يونين ڪائونسل سيٺار پير جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي پانڌي خان مگسي ۾ فرنيچر جي کوٽ، 300 کان مٿي شاگردن پڙهائڻ لاءِ صرف ٻه استاد مقرر، اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ ڪري ڪيترن ئي معصوم شاگردن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هجڻ ڪري ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جي ڪري شاگردن زخمي ٿيڻ جي خطري ۽ اسڪول ۾ گنجائش نه هجڻ ڪري سخت سيءَ ۾ پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور بڻيل آهن جنهن ڪري اسڪولي شاگرد خوف ۾ ورتل آهن ۽ اسڪول بنيادي سهولتن کان پڻ محروم آهي

انهي موقعي تي صديق مگسي، احمد خان مگسي، سدورو ماڇي، سونيو  مينگهواڙ ۽ ٻين تعليم جي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته  هو نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استادن جو تعداد وڌائي فرنيچر جي کوٽ پوري ڪري ۽ هنگامي بنيادن تي اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي ته جئين معصوم شاگردن کي ڪنهن وڏي سانحي کان بچايو وڃي. *** ٻئي طرف سنڌڙي تعلقي ۾ 390 پرائمري اسڪولن مان 197 اسڪول بند ٿيڻ باوجود ھلندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول بغير بلڊنگ، بغير ڇت، بغير فرينچر جي ھلڻ لڳا جن ۾ ڦلھڏيون ڀرسان ڳوٺ مولابخش مري جو پرائمري اسڪول به سمورين بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل، شاگردن سيلٽن تي احتجاج لکي سنڌ سرڪار،  تعليم کاتي جي عملدارن سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو. ان موقعي تي يو سي ڍير مٺو فقير جي چيئرمين سڪندر مري ٻڌايو ته هي اسڪول  جيڪو 1980ع ۾ وجود ۾ آيو 40 سال گذرڻ باوجود سرڪار جي طرفان نه بلڊنگ ملي آھي نه فرينچر ٿو ملي، اسان سڀني چونڊيل نمائندن کي درخواستون به ڏنيون آھن پرتدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو