اسڪولن جي تالابندي خلاف سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اسڪولن جي تالابندي خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ استادن ۽ شاگردن جي احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسڪولن ۾ تالابندي نامنظور، شاگردن جي مستقبل جي تباهي نامنظور جا نعرا هنيا.

Photo Sindhyar

***ڪنڌ ڪوٽ ۾ شھرين اسڪولي شاگردن پ ٽ الف ۽ مختلف سياسي ڪارڪنن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي غلام مصطفي ميراڻي . حافظ نصر الله چنا ظريت بجاراڻي . ابراھيم خاڪي . صدرالدين مرھٽو .اڪرم باجڪاڻي .مير فائق علي جکراڻي ـ بشير احمد ميراڻي. عبدالقادر عارباڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
Photo Sindhyar

***بدين ضلعي جي مختلف شھرن گولاڙچي پنگريو تلهار ماتلي ڪڙيوگهنور ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان اسڪولن جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. ضلعي صدر پروفيسر عبدالحفيظ احمداني حسام نظاماڻي گيانچند مهشوري فياض ۽ حيدربابا ناصر انجم ۽ ٻين چيو تہ اسڪولن جي بلاجواز بندش اسانجي ٻچن جو مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي.

Photo Sindhyar
***ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اڪثر شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسڪول کوليو تعليم بچايو سنڌ دشمن پاليسي نامنظورتعليم دشمن پاليسي نامنظور، تعليم کپي تالا نه کپن جا نعرا لڳايا ويا. مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻ بابو اورنگزيب شيخ قاضي خان راهمون گل حسن سولنگي عبدالسلام شيخ ۽ ٻين چيو ته تعليم اسان جو بنيادي حق آھي ڪرونا وبا جو جواز ڄاڻائي سنڌ جا اسڪول بند ڪري اسان جي ٻارن کي ان حق کان محروم رکيو پيو وڃي. شادي هال مارڪيٽن جلسن جلوسن ريسٽورينٽ تي ڪابه پابندي ناهي ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون معمول مطابق کليل آھن صرف سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباه ڪرڻ لاء اسڪولون کي ٽارگيٽ ڪري بند ڪيو ويو آھي.
Photo Sindhyar
***دڙو شھري ايڪشن ڪميٽي ۽ مختلف سياسي سماجي ۽ مذھبي تنظيمن واپارين طرفان رشيد آزاد سومرو، نظام لاکائي، عبدالقيوم سومرو، ڪامريڊ عزيز سومرو، نظير سومرو، حافظ عبدالغفور ميمڻ، اعجاز اختر ميمڻ، اقبال سومرو، انور ملاح، اسد ميمڻ، وفا ميمڻ، بابو غلام مصطفي ڪڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽاپ کان پنڃاري پل چوڪ تائين ھڪ وڏي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
Photo Sindhyar
***خانپورمهر ۾ استادن شاگردن توڙي سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ريلي جي اڳواڻي استاد حضور بخش مھر، قربان علي مهر، دودو مهر ،هريش ڪانيا ، امبريش ، لال چند سڪندر مهر، فرمان علي مهر ۽ ٻين ڪئي، ***شهدادڪوٽ ۾ اسڪول بند ڪرڻ واري عمل خلاف پير بخش ڀٽي، الهداد خشڪ، آصف مگسي، حيات تونيو، حسن ٻٻر، فياض مگسي، هوش محمد چانڊيو، انور مغل، فياض ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ، پارٽي جا جهنڊا، ۽ ٻارڙن ڪتاب کڻي شهر جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کپي تالا نه کپن جا اڀ ڏاريندڙ نعره هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو