ايڪسيدنٽ، ڪرنٽ ۽ جهيڙي سبب 3 فوت 2 زخمي

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ٽن مختلف واقعن ۾  3 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيو. ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. جي ڊي ڊبليو شگر ملز جي ميس ملازم بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويو ۽ مال چارڻ جي معاملي تان ساوند ۽ سومرا برادري ۾ جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. موٽر وي تي مهيسرو پڪٽ 140 وٽ ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٽرالر ڊائيور امدادلله خان ولد محمد اقبال رند ۽ جاويد احمد ولد نازق احمد فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ٽرالر ڪلينڊر صغير احمد زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پنوعاقل سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو. فوتي ڊائيور امدالله جو تعلق پنجاب جي شهر جهنگ ۽ جاويد احمد جو تعلق رحيم يار خان سان آهي. ٻنهي فوتين جا لاش پوسٽ ماٽم بعد گهوٽڪي تعلقي اسپتال ۾ پيل آهن. جڏهن ته فوتي جي وارثن کي اطلاع پڻ ڪيو ويو آهي.*** جي ڊي ڊبليو شگر مل ۾ ميس تي ڪم ڪندڙ قادرپور جو رهواسي نوجوان پورهيت ڪامران ولد عبدالطيف راجپوت مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو علائقي واسين موجب شگر مل انتظاميا معاملو ڳچي مان ڪڍڻ لاء پورهيت نوجوان جي موت کي طبعي موت قرار ڏيندي نوجوان جو لاش بغير پوسٽ مارٽم جي وارثن ڏي موڪلي ڇڏيو جڏهن تہ اطلاع ملڻ بعد قادرپور چوڪي انچارج مراد سهتو فوتي نوجوان جي وارثن وٽ پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ اسپتال گهوٽڪي کڻائي آيو رابطو ڪرڻ تي مراد سهتو جو چوڻ هو ته فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاء کڻائي آيا آهيون پوسٽ مارٽم بعد ئي خبر پوندي. *** ڪچي واري علائقي ۾ آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾  ڇهون بلاڪ ۾ ساوند ۽ سومرا برادري ۾ چوپائي مال جي معاملي تان جھيڙو، لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو بشير سومرو زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو